اسلام آباد – 07 – سيپٽمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چين جي ڏکڻ اولهندي صوبي سيچوان ۾ زلزلي ۾ قيمتي جاني ۽ مالي نقصان تي چيني قيادت سان افسوس جو اظهار ڪندي چيو آهي ته مشڪل جي هن گهڙيءَ ۾ پاڪستاني حڪومت ۽ عوام چين جي حڪومت ۽ عوام سا?? گڏ بيٺل آهي. چين تازي ٻوڏ سميت هر مشڪل وقت ۾ پاڪستان جو ساٿ ڏنو آهي. ايوان صدر پاران جاري بيان موجب پنهنجي تعزيتي پيغام ۾ صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته چين جي صوبي سيچوان ۾ تباهي آڻيندڙ زلزلي جو ٻڌي تمام گهڻو ڏک ۽ افسوس ٿيو، زلزلي جي نتيجي ۾ قيمتي جانيون ضايع ٿيون ۽ ملڪيتون تباهه ٿيون، پاڪستاني عوام ۽ پنهنجي پاران چيني قيادت سان دلي تعزيت ۽ سيچوان جي عوام سان دلي همدردي جو اظهار ڪريان ٿو. هن پنهنجي پيارن کي وڃائيندڙ سمورن چيني خاندانن سان تعزيت جو اظهار ڪيو. صدر سمورن زخمين جي جلد صحتيابي لاءِ دعا ڪئي. هن اميد ظاهر ڪئي ته گم ٿيل ماڻهو جلد کان جلد پنهنجي گهرڀاتين سا?? گڏجي ويندا. صدر اها به اميد ظاهر ڪئي ته زلزلي سٽيل علائقن جا ماڻهو جلد پنهنجا گهر ٻيهر تعمير ڪري معمول جي زندگي شروع ڪري ڇڏيندا. ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته کيس پورو يقين آهي ته چيني قيادت ۽ عوام پنهنجي ثابت ٿيل صلاحيتن ۽ استقلال سان ان قدرتي آفت سان پيدا ٿيندڙ صورتحال کي منهن ڏيڻ جي پوري صلاحيت رکن ٿا. هن چيو ته مشڪل جي هن گهڙيءَ ۾ پاڪستاني عوام ۽ پاڪستان حڪومت چيني عوام ۽ چين جي حڪومت سا?? گڏ بيٺل آهي، چيني عوام به پاڪستاني ٻوڏ جي متاثرين سا?? گڏ بيٺي، ماضي ۾ به چيني عوام ۽ حڪومت قدرتي ۽ ٻين آفتن دوران اسان سا?? گڏ بيٺل رهيا.
صدر پاران زلزلي سان ٿيندڙ نقصان تي چيني قيادت سان افسوس جو اظهار
مضمون کا ماخذ : resultados loteria São Paulo