اسلام آباد – 10 – آگسٽ (اي پي پي) جاڙن شهرن راولپنڊي ۽ اسلام آباد ۾ 75 هون آزادي جو ڏهاڙو ملهائڻ جون تياريون عروج تي پهچي ويون آهن، بازارن ۽ مارڪيٽن ۾ اسٽال?? لڳي ويا جتي قومي جهنڊن، ب??جز ۽ اسٽيڪرز جو وڪرو جاري آهي، ننڍن ٻارن جي لاءِ جشن آزادي جي مناسبت سان لباس ۽ شرٽس جي انهن اسٽالز تان خريداري جاري آهي، هر طرف سبز هلالي جهنڊن جي بهار اچي چڪي آهي، دڪانن، گهرن ۽ گاڏين تي قومي جهنڊا لهرايا پيا وڃن جڏهن ته نوجوانن پنهنجي پنهنجي موٽرسائيڪلن ۽ ڪارن کي پڻ قومي جهنڊن سان سينگاري ڇڏيو آهي. ڪالهه اربع ڏينهن اي پي پي جي سروي موجب شهر جي مختلف علائقن، گهٽين، پاڙن، رستن، عمارتن ۽ ٻين جاين کي انتهائي خوبصورتي سان سجايو پيو وڃي. خاص طور تي ٻارن ۾ جشن آزادي ملهائڻ جي تيارين جي حوالي سان جوش ۽ جذبو ڏسڻ جهڙو آهي. شهر جي سمورن علائقن ۾ جشن آزادي جي حوالي سان پاڪستاني جهنڊن، جهنڊين، ب??جز ۽ ٻين سجاوٽ وارين شين جي وڪري جي لاءِ سوين عارضي اسٽال?? لڳايا ويا آهن، جتان شهري جشن آزادي ملهائڻ جي لاءِ مختلف سجاوٽ جون شيون خريد ڪري سگه?? ٿا. ٻار، وڏا بزرگ ان اهم ڏينهن ملهائڻ جي لاءِ هر طرح جي تيارين ۾ مصروف اچ?? ٿا.
جاڙن شهرن راولپنڊي ۽ اسلام آباد ۾ 75 هون آزادي جو ڏهاڙو ملهائڻ جون تياريون عروج تي پهچي ويون
مضمون کا ماخذ : ریل رش