اسلام آباد – 25 – مارچ (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر چيو آهي ته بي اعتمادي رٿ جي حوالي سان آئين ۽ قومي اسيمبلي جي قاعدن ۽ ضابط?? موجب پنهنجون ذميواريون پوريون ڪندس. قومي اسيمبلي ۾ ريمارڪس ڏيندي هن چيو ته هن ايوان جي روايت رهي آهي ته جڏهن به ڪو ميمبر لاڏاڻو ڪري وڃي ته پهرين ڏينهن اجل??س بنا ڪنهن ڪارروائي جي ملتوي ڪيو ويندو آهي، اها روايت هاڻي کان نه پر ڊگهي عرصي کان جاري آهي، هن وقت تائين 24 م??مبرن جي لاڏاڻي تي هن ايوان جي ڪارروائي ملتوي ڪئي وئي آهي، هن چيو ته بي اعتمادي رٿ جي حوالي سان آئُون آئين ۽ قومي اسيمبلي جي قاعدن ۽ ضابط?? موجب ڪارروائي هلائيندس.
مضمون کا ماخذ : لاٹری کی تجزیاتی ایپ