اسلام آباد – 11 فيبروري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چين جي نئين قمري سال جي آغاز جي موقعي تي چين جي عوام کي ??بارڪباد پيش ڪندي چيو آهي ته چين ۽ پاڪستان دوستي جي مضبوط رشتي ۾ ڳنڍيل آهن، پاڪستان ۽ چين دوست آهن ۽ رهندا، اسان زراعت، ٽيڪنالاجي سميت مختلف شعبن ۾ چين جي تجربن مان سکڻ چاهيون ٿا. هو هتي چين جي نئين قمري سال جي آغاز جي حوالي سان منعقد تقريب ۾ خاص مهمان جي حيثيت سان خطاب ڪري رهيو هو. تقريب کي ??ارلياماني معاملن واري مملڪتي وزير علي محمد خان، اوورسيز ڪميونٽي جي صدر نعمت الله جان ۽ جنرل سيڪريٽري شوڪت علي به خطاب ڪيو. وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو ته پاڪستان ۽ چين مضبوط رشتن ۾ ڳنڍيل آهن، چين پنهنجي قيام سان ئي پاڪستان سان لاڳاپا قائم ڪيا ۽ اهي لاڳاپا مضبوط کان مضبوط ٿيندا ويا، هن چيو ته اسان کي ان ڳالهه تي فخر آهي ته چين جي عوام ۽ متحرڪ قيادت پنهنجي محنت جي زور تي ترقي حاصل ڪئي، پاڪستان کي جڏهن به مشڪل ??قت پيش آيو چين سدائين ساٿ ڏنو
وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز پاران چين جي نئين قمري سال جي آغاز جي موقعي مبارڪون
مضمون کا ماخذ : como apostar na mega sena