اسلام آباد – 25 – ڊسمبر (اي پي پي) سڄي دنيا وانگر پاڪستان ۾ به مسيحي برادري پنهنجو مذهبي ڪرسمس جو ڏڻ وڏي جوش ۽ جذبي سان ملهايو، پاڪستان ۾ گرجا گهرن ۽ مسيحي وستين ۾ ڪرسمس جي تقريبن جو آغاز مل?? ۽ قوم جي سلامتي، خوشحالي ۽ ترقي جي لاءِ خصوصي دعائن سان ٿيو. صدر، وزيراعظم کانسواءِ اهم شخصيتن مبارڪباد جا پيغام جاري ڪيا، پوري دنيا ۾ ان اهم ڏڻ جون ڪيتريون ئي تقريبون ڪووڊ – 19 جي وبا جي ٻي لهر جي ڪري ڊجيٽل طور تي منعقد ڪيون ويون، تنهن هوندي به مل?? جي ٻين شهرن وانگر وفاقي گادي ??اري شهر اسلام آباد ۾ مسيحي برادري اهو ڏڻ روايتي جوش ۽ جذبي سان ملهائيندي احتياطي تدبيرن کي اختيار ڪيو ته جئين وائرس کي پکڙجڻ کان روڪڻ ۾ ڪردار ادا ڪيو وڃي. مسيحي برادري ڪووڊ -19 جي ايس او پيز کي اختيار ڪندي ??رڪ??ري تقريبن کان وٺي ڪيڪ ڪٽڻ جي تقريبن تائين مختلف سرگرمين جو انعقاد ڪيو، مسيحي عملي جي ميمبرن جي خوشين ۾ شريڪ ٿيڻ جي لاءِ سڄي هفتي کان ئي مختلف ادارن ۾ تقريبن جو سلسلو جاري هو جڏهن ته ايوان ص??ر، ڪيپيٽل ڊولپمينٽ اٿارٽي، پاڪستان ريلويز، پرڏيهي وزارت، اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت ۽ ان جي ذيلي ادارن ۽ ٻين ڪيترن ئي کاتن ۾ ڪرسمس جي ڪيٽ ڪٽڻ جون خصوصي تقريبون منعقد ڪيون ويون. سڄي مل?? جي گرجاگهرن ۾ خصوصي سروسز جو انعقاد ڪيو ويو ۽ مسيحي برادري مل?? جي امن، ترقي ۽ خوشحالي سان گڏوگڏ وبا کان ڇوٽڪاري ۽ پوري انسانيت جي حفاظت جي لاءِ خصوصي دعائون گهريون.
سڄي دنيا وانگر پاڪستان ۾ به مسيحي برادري پنهنجو مذهبي ڏڻ ڪرسمس جوش ۽ جذبي سان ملهايو
مضمون کا ماخذ : prêmios raspadinha