اسلام آباد – 19 ڊسمبر (اي پي پي) پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي سان او آءِ سي پرڏيهي وزيرن واري ڪائونسل جي غيرمعمولي اجلاس جي موقعي تي ??ردن جي پنهنجي هم منصب ايمن صفادي ملاقات ڪئي. اردني پرڏيهي وزير شاهه اردن پاران پاڪستاني قوم کي محبت ۽ خيرسگالي جو پيغام پهچايو. پرڏيهي وزير چيو ته پاڪستان ۽ اردن جي وچ ۾ ڀائراڻا لاڳاپا آهن جيڪي اسان جي گڏيل ثقافت ۽ تاريخي قدرن سان واڳيل آهن. پرڏيهي وزير پاڪستان ۽ اردن جي وچ ۾ بهتر پاليسي ڪوآرڊينيشن ۽ ٻطرفن رابطن جي فروغ جي ضرورت تي ??ور ڏنو. هن چيو ته اسان پاڪستان اردن گڏيل وزارت?? ڪميشن ۽ ٻنهي ملڪن جي پرڏيهي وزارتن جي وچ ۾ جلد ڳالهيون منعقد ڪرڻ جا منتظر آهيون. پاڪستان ۽ اردن جي وچ ۾ ٻطرفي واپار جو ڪا??و وڌائڻ جي لاءِ گڏيل ڪوششون استعمال ۾ آڻڻ جي ضرورت آهي. پرڏيهي وزير اردني پرڏيهي وزير جو ڌيان اردن ۾ رهندڙ پاڪستان?? ڪميونٽي کي درپيش مسئلن طرف ڇڪرايو. اردن جي پرڏيهي وزير ايمن صفادي پرخلوص ميزباني تي پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي جا ٿورا مڃيندي کيس اردن جي دوري جي دعوت ڏني.
پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي سان اردن جي پنهنجي هم منصب ايمن صفادي جي ملاقات
مضمون کا ماخذ : میگا مولا۔