اسلام آباد – پهرين – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان ماڊل پناهگاهن تي اڳڀرائي کي تسلي بخش قرار ڏيندي مقرر ڪيل مدي ۾ ان جي تڪميل کي يقيني بڻائڻ ۽ پناهگاهن ۾ ره??دڙ ماڻهن جي سهولتن جو خاص خيال رکڻ جي هدايت ڪئي آهي. وزيراعظم عمران خان سان غربت جي خاتمي ۽ سماجي تحفظ واري خاص مددگار ڊاڪٽر ثانيه نشتر ملاقات ڪئي جنهن ۾ هن وزيراعظم کي نئين ماڊل پناهگاهن تي اڳڀرائي جي باري ۾ تفصيلي بريفنگ ڏني.
وزيراعظم هدايت ڪئي ته پناهگاهن ۾ ره??دڙ ماڻهن جي سهولن جو خاص خيال رکيو وڃي. هن چيو ته حڪومت ماڊل پناهگاهن جي تعمير سان مثال قائم ڪري ره?? آهي، ماڊل پناهگاهن جي تعمير سان سرندي وارا ماڻهو ۽ ٻاهرين ملڪ ره??دڙ پاڪستاني ان ڪم ۾ حڪومت سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي بيٺل هوندا. هن چيو ته حڪومت پناهگاهن جي اسٽاف کي عالمي معيار جي تربيت فراهم ڪري ره?? آهي، پناهگاهن سان احسان ون ونڊو سينٽر بابت مستحق ماڻهن کي سهولتن تائين آسان پهچ ممڪن ٿي سگهندي. وزيراعظم کي ٻڌايو و??و ته پناهگاهن جي لاءِ مرڪزي ايڊوائيزري بورڊ جي جوڙجڪ مڪمل ڪئي وئي آهي، هر پناهگاهه جي لاءِ 4 رڪني انتظامي بورڊ به جلد جوڙيو و??ندو، ايندڙ هڪ هفتي ۾ هر پناهگاهه لاءِ ڊجيٽل مانيٽرنگ سسٽم به جاري ڪيو و??ندو. 4 پناهگاهن جي لاءِ مخصوص عمارتن جي تعمير جي سلسلي ۾ زمين جي نشاندهي ڪئي وئي آهي، پناهگاهن جي تعمير جو ڪم هڪ سال جي مدي ۾ مڪمل ڪيو و??ندو. وزيراعظم کي ٻڌايو و??و ته احساس ون ونڊو سينٽر، مزدورن جي لاءِ ”ڪيش فار ورڪ“ پروگرام ۽ پناهگاهن کي معاشي طور تي مستحڪم ڪرڻ جي لاءِ ڪمرشل حصي جي تعمير ماڊل پناهگاهن ۾ شامل هوندي، موجوده پناهگاهن ۾ تعميراتي ڍانچي جي مرمت جو ڪم به منصوبي جو حصو آهي، پناهگاهن جي لاءِ مرڪزي ڊجيٽل ڊونيشن مينيجمينٽ سسٽم به هلندڙ سال جي آخر تائين مڪمل ڪيو و??ندو. ملاقات ۾ بي?? المال جو ايم ڊي ملڪ ظهير عباس کوکر به شريڪ هو.