ڪراچي – 12 – سيپٽمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات وا??ي وفاقي وزير چوڌري فواد حسين پاڪستان ٽيليويزن (پي ٽي ??ي) ڪراچي سينٽر جو دورو ڪيو. وفاقي وزير جي اچڻ تي پي ٽي ??ي ڪراچي سينٽر جي جنرل مئنيجر محمد شجاعت الله ٻئي اسٽاف سان گڏ سندس استقبال ڪيو. مئنيجر پي ٽي ??ي ڪراچي سينٽر جي مختلف شعبن جي سربراهن جو اطلاعات وا??ي وفاقي وزير چوڌري فواد حسين سان تعارف ڪرايو. وفاقي وزير ڪراچي سينٽر جي پروگرامز، حالات حاضر ۽ نيوز جي سربراهن کان لاڳاپيل شعبن جي ڪارڪردگي جي حوالي سان معلوم ڪيو ۽ گڏ ئي انهن کان انهن جا مسئلا پڻ معلوم ڪيا. جنرل مئنيجر وفاقي وزير کي پروگرامز، حالات حاضره، پي ٽي ??ي ه??م، پي ٽي ??ي نيشنل جي ڪارڪردگي جي حوالي سان تفصيلي بريفنگ ڏني. هن پي ٽي ??ي کي ڊيجيٽلائيز ڪرڻ جي حوالي سان وفاقي وزير جي ويزن کي پڻ ساراهيو. بعد ۾ اطلاعات وا??ي وفاقي وزير پي ٽي ??ي ڪراچي سينٽر جي نيوز روم، حالات حاضره جي مختلف اسٽوڊيوز، پي ٽي ??ي نيشنل سميت مختلف شعبن جو دورو ڪيو ۽ اسٽاف کان بريفنگ ورتي.
چوڌري فواد حسين پاران پاڪستان ٽيليويزن (پي ٽي وي) ڪراچي سينٽر جو دورو
مضمون کا ماخذ : میگا سینا اکمولاڈا