ا??لا?? آباد – 09 آڪٽوبر (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين محمد صادق سنجراڻي سان پاڪستان ڪاٽن جينرز ايسوسيئيشن جي چيئرمين ڊاڪٽر جاسو مل ٽي ليماڻي جي س??بر??هي ۾ چار رڪني وفد پارلياميٽ هائوس ۾ ملاقات ڪئي ۽ سينيٽ چيئرمين کي پاڪستان ۾ ڪپهه جي فصل جي پوکي ۽ پيداوار ۾ مسلسل گهٽتائي جي حوالي سان ??فصيلي طور تي آگاهه ڪيو. وفد سينيٽ چيئرمين محمد صادق سنجراڻي کي آگاهه ڪيو ته پاڪستان ۾ ڪپهه مان ??قريبن 15 ملين ڳٺڙيون بڻجڻ ٿيون، ڪپهه جي پوکي ۽ پيداوار ۾ مسلسل گهٽتائي جي ڪري ان ??ي تعداد 7 ملين تائين محدود ٿي ويو آهي ۽ معياري ٻج ?? جديد مشينري جي عدم دستيابي جي ڪري آبادگارن ۾ متبادل فصلن جي پوکي جو رجحان وڌي چڪو آهي. آبادگارن ٻيا فصل پوکڻ شروع ڪري ڇڏيا آهن جيستائين معياري ٻج جي نئين ورائٽي ?? جديد مشينري جي دستيابي ميسر نه ٿيندي تيستائين بهتري ممڪن نه آهي.
مضمون کا ماخذ : اسکریچ کارڈ پاکستان