اسلام آباد – 18 سيپٽمبر (اي پي پي) وزير??عظ?? عمران خان جي صدارت ۾ ملڪي تشخص، ت??ذي?? ۽ ثقافت ۽ قومي ورثي کي اجاگر ڪرڻ جي حوالي سان سينيما انڊسٽري جو ڪردار ۽ سينيما انڊسٽري جي بحالي جي حوالي سان اجلاس هتي منعقد ٿيو. اجلاس ۾ اطلاعات ۽ نشريات وارو وزير سيني??ر شبلي فراز، صنعت وارو وزير محمد حماد اظهر ، خاص مددگار ليفٽيننٽ جنرل (ر) عاصم سليم باجوه، خاص مددگار ڊا????ر شهباز گل، خاص مددگار سيد ذوالفقار عباس بخاري، سينيٽر فيصل جاويد خان، لاڳاپيل وزارتن جي سيڪريٽرين، اسٽيٽ بئنڪ جي گورنر، ايف بي آر جي چيئرمين ۽ ٻين سينئر آفيسرن شرڪت ڪئي. وزير??عظ?? ميڊيا آفيس موجب وزير??عظ?? کي ملڪ ۾ سينيما جي بحالي ۽ ملڪي تشخص کي اجاگر ڪرڻ جي حوالي سان سينيما انڊسٽري جي اهم ڪردار جي حوالي سان تفصيلي بريفنگ ڏني وئي، اجلاس ۾ سينيما انڊسٽري کي درپيش چئلينجز ۽ انهن کي ختم ڪرڻ جي حوالي سان تجويز ڪيل حڪمت عملي تي غور ڪيو ويو.
وزيراعظم جي صدارت ۾ سينيما انڊسٽري جو ڪردار ۽ سينيما انڊسٽري جي بحالي جي حوالي سان اجلاس
مضمون کا ماخذ : como jogar lotofácil