اسل??م آباد – 17 جن??ري (اي پي پي) وزيراعظم شاهد خاقان عباسي چيو آهي ته قبائلي ??لا??قن جي تعمير ۽ ترقي حڪومت جي اولين ترجيح آهي، موجوده حڪومت پهريون ڀيرو فاٽا جي مسئلن جي حل لاءِ سنجيده ڪوشش ڪئي، فاٽا سڌارن جي عمل کي ??لا??قي جي عوام جي خواهشن موجب پڄاڻي تائين پهچايو ويندو. هن اها ڳالهه قبائلي ??لا??قن جي مختلف ايجنسيز سان تعلق رکندڙ مسلم ليگ (ن) جي صدرن، نائب صدرن جنرل سيڪريٽريز تي ٻڌل وفد سان ڳالهائيندي چئي جنهن وزيراعظم آفيس ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. وفد جي قيادت سيفران واري مملڪتي وزير غالب خان ڪري رهيو هو. ملاقات ۾ فاٽا سڌارن، قبائلي ??لا??قن جي تعمير ۽ ترقي ۽ ??لا??قي جي لاڳاپيل معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، وفد سان ڳالهائيندي وزيراعظم شاهد خاقان عباسي چيو ته قبائلي ??لا??قن جي عوام جي تعمير ۽ ترقي حڪومت جي اولين ترجيح آهي.
مضمون کا ماخذ : loteria de Minas Gerais