اسلام آباد – 30 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم شاهد خاقان عباسي جي صدارت ۾ قومي سلامتي ڪمي??ي جو 13 هون اجلاس وزيراعظم هائوس ۾ منعقد ٿيو، اجلاس ۾ ملڪ جي اندروني ۽ ٻاهرين سيڪيور??ي جي صورتحال ۽ ان کي عالمي ۽ علائقائي ڏس ۾ درپيش قومي سلامتي جي چئلينجن ۽ خطرن جو جائزو ورتو ويو. اجلاس دوران آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ڏکڻ ايشيا جي حوالي سان پاليسي کي به غور هيٺ آندو ويو. اجلاس ۾ دفاع واري وزير خرم دستگير خان، ناڻي واري وزير اسحاق ڊار، گهرو وزير احسن اقبال، پرڏيهي وزير خواجه محمد آصف، چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪمي??ي جنرل زبير محمود ح??ات، چيف آف آرمي اسٽاف جنرل قمر جاويد باجوه، چيف آف ن??ول اسٽاف ايڊمرل محمد ذڪاءُ الله، پاڪ فضائيه جي سربراهه ايئر چيف مارشل سهيل امان، قومي سلامتي ڪمي??ي جي صلاحڪار ليفٽيننٽ جنرل (ر) ناصر جنجوعه، آءِ ايس آءِ جي ڊائريڪٽر جنرل ليفٽيننٽ جنرل نويد مختار ۽ سينئر سول ۽ فوجي عملدارن شرڪت ڪئي.
وزيراعظم جي صدارت ۾ قومي سلامتي ڪميٽي جو اجلاس
مضمون کا ماخذ : فنکی پھل