اسلام آباد – 03 ڊسمبر (اي پي پي) ايسوسيئيٽيڊ پريس آف پاڪستان (اي پي پي) جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر مسعود ملڪ چيو آهي ته نوجوان اسان جو اثاثو آهن، اسان جو نوجوان نسل تمام گهڻو باصلاحيت آهي، ان کي صحيح رخ تي هلائي ملڪ کي ترقي جي رستي تي گامزن ڪري سگهجي ٿو، نوجوان نسل ح??رت محمد صه جي تعليم تي عمل ڪندي هڪ سٺي مسلمان ۽ خوداحتسابي سان پنهنجو پاڻ کي صحيح ڪري هن معاشري کي صحيح راهه تي گامزن ڪرڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪري. هو پاڪستان پازيٽو، ايسوسيئيٽيڊ پريس آف پاڪستان (اي پي پي) جي حصيداري سان ٻن ڏينهن واري ينگ ليڊرز سمٽ دورا?? شرڪت ڪندڙن کي خطاب ڪري رهيو هو. تقريب ۾ سڄي ملڪ جي مختلف حصن مان شاگرد ۽ شاگردياڻي?? شرڪت ڪئي. پازيٽو پاڪستان جي صدر عابد اقبال گ??ار?? ٻن ڏينهن واري سمٽ جي افتتاح کانپوءِ تعارفي ويهڪ ۾ سمور?? شرڪت ڪندڙن سان تعارف ڪر??يو ۽ شرڪت ڪندڙن کي پازيٽو پاڪستان جي ويزن 2017ع بابت آگاهه ڪيو. تقريب کي خطاب ڪندي ايسوسيئيٽيڊ پريس آف پاڪستان (اي پي پي) جي ايم ڊي مسعود ملڪ چيو ته اڄ جي دور ۾ نئين نسل جي مثبت سوچ سڀ کان اهم ترين ڪم آهي، ان جي لاءِ حڪومت سان گڏوگڏ پازيٽو پاڪستان جهڙي?? تنظيمن ۽ ٻين ڌرين کي پڻ ان نوعيت جي فورمن جي فراهمي ۽ ٻيون سهولتون ڏيڻ گهرجن. هن چيو ته پازيٽو پاڪستان اسان جي نوجوانن ۾ مثبت سوچ کي هٿي وٺرائڻ لاءِ تمام گهڻو ڪم ڪري رهي آهي.
اسان جو نوجوان نسل تمام گهڻو باصلاحيت آهي: مسعود ملڪ
مضمون کا ماخذ : میگا ملینز آن لائن ٹکٹ