والاريل بيت المقدس -07 نومبر (اي پي پي) فلسطين اسرائيل جي ثقافت واري وزير جي غزه تي ايٽم بم ڪيرائڻ وارن بيانن جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي چيو آهي، ته اسرائيل جو وزير غزه کي ??ئي?? هيروشيما طور ڏسڻ چاهي ٿو. سعودي خابرو اداري مطابق فلسطين جي وزيراعظم محمد اشتيا گذريل ڏينهن هڪ تقرير م چيو هو ته اسرائيل جو وزير غزه کي هيروشيما طور ڏسڻ چاهي ٿو. هن چيو ته غزه ۾ ايمبولينسن کي دنيا آڏو بمباري جو نشانو بڻايو پيو وڃي. هن عالمي برادري کي غزه پٽي ۾ جنگ ??وڪ??ائڻ لاءِ فوري قدم کڻڻ جو مطالبو ڪيو. هن عالمي فوجدار?? عدالت کان اسرائيل جي حڪومت خلاف ڪيس هلائڻ جو مطالبو ڪندي گڏيل قومن کان غزه ۾ هزارين معصوم ٻارن جي موت بعد ٻارڙن جو ڏينهن ملهائڻ کي ??لت??ي ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آهي. هن ان ڳالهه تي زور ڀريو ته غزه فلسطين جو اڻٽٽ حصو آهي.
مضمون کا ماخذ : کڑک