رياض -27 فيبروري (اي پي پي) سعودي عرب جي حج ۽ عمري واري وزارت چيو ??هي، ته عمري جو تعداد مقرر ناهي ۽ زائرين پنهنجي م??ضي ۽ سهولت سان جيترا ڀيرا چاهين عمرو ڪري سگهن ٿا. سعودي نشرياتي اداري م??ابق حج وزارت طرفان جاري بيان ۾ چيو ويو ??هي ته زائرين جي لاءِ عمري جي تعداد مقرر ناهي ڪئي وئي ۽ زائرين پنهنجي م??ضي ۽ سهولت مطابق جيترا ڀيرا چاهين عمرو ڪري سگهن ٿا. وزارت جو چوڻ هو ته وزٽ، سياحت يا ملازمت ويزا هولڊر ڪنهن به پابندي کانسواءِ عمرو ڪري سگهن ٿا. زائرين مملڪت مان واپسي لاءِ ٽرانسپورٽ وسيلا به تبديل ڪري سگهن ٿا. هوائي رستي ايندڙ جيڪڏهن ته بحري يا بري رستي به واپس وڃي سگهن ٿا. سعودي عرب اچڻ ۽ وڃڻ جي سلسلي ۾ ڪنهن به انٽرنيشنل يا لوڪل ايئرپورٽ جي پابندي ناهي، ڪنهن به ايئرپورٽ تان اچ وڃ ڪري سگهجي ٿي. واضح رهي ته سعودي عرب آن لائين ٽرانزٽ وزٽ ويزا سروس جي شروعات ڪئي آهي جنهن جو مقصد سعودي عرب اچڻ ۾ سهولت فراهم ڪرڻ آهي. ٽرانزٽ ويزا تي عمرو، مسجد نبوي جي زيارت، سياحتي پروگ??ام?? ۾ شرڪت ۽ ملڪ جي شهرن ۾ اچ وڃ جي سهولت هوندي.
زائرين پنهنجي مرضي ۽ سهولت سان جيترا ڀيرا چاهين عمرو ڪري سگهن ٿا: سعودي جي حج واري وزارت
مضمون کا ماخذ : ہیوگو 2