واشنگٽن-03 ڊسمبر (اي پي پي) آمريڪا جي نئين چونڊيل صدر ڊونلڊ ٽرمپ رياست آرڪنساس سان تعلق رکندڙ 67 ورھين جي بينڪ?? وارن اي اسٽيفنز کي برطاني?? ۾ ??مريڪا جو سفير مقرر ڪري ڇڏيو آھي. پرڏيھي خابرو اداري مطابق ڊونلڊ ٽرمپ گذريل ڏينھن پنھنجي سوشل ميڊيا پليٽ فارم تي اعلان ڪيو ته وارن اي اسٽيفنز کي سينيٽ جيمز جي عدالت ۾ آمريڪا جي سفير طور مقرر ڪيو آھي جتي ھو برطاني?? ۾ ??سان جي نمائندي طور ڪم ڪندو. وارن اي اسٽيفنز ڊگھي عرصي کان ريپبلڪن ۽ آرڪنساس ۾ قائم خانگي سيڙپڪاري بئنڪ اسٽيفن انڪارپوريشن جو سي اي او آھي، وارن اي اسٽيفنز 2020ع ۽ 2024ع جي چونڊن ۾ ٽرمپ جي صدارتي مھم دوران لکين ڊالرن جي مالي مدد پڻ ڪئي. پنھنجي نامزدگي جي جواب ۾ وارن اي اسٽيف??ز ھڪ بي??ن ۾ چيو ته مان پنھنجي ملڪ جي خدمت ڪرڻ، صدر جي ايجنڊا تي عملدارآمد ۽ آمريڪا ۽ برطانيا وچ ۾ پراڻي اتحاد کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ لاءِ ڪم ڪرڻ تي فخر آھي.
ڊونلڊ ٽرمپ پاران وارن اي اسٽيفنز برطانيا ۾ آمريڪي سفير مقرر
مضمون کا ماخذ : لاٹری ٹکٹ جیتنے کے نمبر