ماسڪو -19 جولاءِ (اي پي پي ) روس چيو آهي ت?? آمريڪي قدمن جي جواب ۾ اسان به ايٽمي ميزائل نصب ڪر?? سگهون ٿا. تاس موجب روس جي نائب پرڏيهي وزير سرگئي ريابڪوف گادي واري هنڌ ماسڪو ۾ 2026ع ??ان جرمني ۾ ”ٽام هاڪ “ وڏي مفاصلي ت?? مار ڪندڙ ڪر??ز ميزائل نصب ڪرڻ بابت آمريڪي فيصلي بابت ميڊيا کي ٻڌايو ته آمريڪا ايٽمي ميزائل ٽيڪنالاجي ۾ اضافو ڪر?? رهيو آهي ۽ اسان ان جو جواب ڏينداسين. اسان ناڪاري سوچ سميت هر طرح جي حالتن لاءِ تيار آهيون ، سندس چوڻ هيو ته آمريڪا جرمني ۾ وڏي مفاصلي ت?? مار ڪندڙ ڪر??ز ميزائل نصب ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. روس نيٽو ملڪن جي گڏيل صلاحيت کي نظر ۾ رکندي ان ڳالهه جو فيصلو ڪندو ته ڇا ڪرڻ گهرجي ۽ ڪٿي ۽ ڪهڙي وقت تي ميزائل نصب ڪرڻو آهي . واضح رهي ت?? آمريڪا ۽ جرمني 10 جولاءِ تي جاري ڪيل گڏيل بيان ۾ چيو هو ته 2026ع ??ان جرمني ۾ ٽام هاڪ وڏي مفاصلي ت?? مار ڪندڙ ڪر??ز ميزائل نصب ڪرڻ شروع ڪندو، آمريڪا جرمني ۾ ان نوعيت جا هٿيار آ??ري ڀيرو 1990ع ۾ نصب ڪيا هئا .
آمريڪي قدمن جي جواب ۾ اسان به ايٽمي ميزائل لڳائي سگهون ٿا: روس
مضمون کا ماخذ : bolão quina