شنگهائي-03 اپريل (اي پي پي)تائيوان ۾ گذريل ڏينهن هوالين وي??هو سمنڊ ۾ آيل 7.4 جي شدت جي زلزلي سبب 7 ڄڻا اجل جو شڪار ۽ 700 کان وڌيڪ زخمي ٿي پيا ??هن. شنهوا مطابق ملڪ جي مختلف علائقن فوجيان، گوان?? ڊونگ سميت اڪثر شهرن ۾ زلزلي جا لوڏا محسوس ڪيا ويا ??نهن سبب هوالين ?? ڪيتريون ئي عمارتون ڊهي پيون آهن ـ هزارين ماڻهن کي محفوظ هنڌن ڏانهن منتقل ڪيو ويو آهي. پهاڙي علائقن ۾ به جبلن مان مٽيءَ جون ڇپون ڪرڻ جا اطلاع مليا ??هن. زلزلي جو مرڪز زمين جي سطح کان 15.5 ڪلوميٽرن جي اونهائي ۾ هو زلزلي جي شدت 7.4 رڪارڊ ٿي آهي جيڪا 21 سيپٽمبر 1999ع تي 7.6 جي شدت واري آيل زلزلي بعد کان 25 سالن ۾ آيل زلزلو سڀ کان وڌيڪ شدت جو زلزلو آهي. تائيوان جي موسمياتي ايجنسي مطابق زلزلي بعد علائقي ۾ آفٽر شاڪس اچي چڪا آهن ۽ ايندڙ ڪجهه ڏينهن ۾ علائقي ۾ وڌيڪ آفٽر شاڪس اچڻ جو خطرو آهي جنهن جي شدت ريڪٽر اسڪيل تي 7 تائين رڪارڊ ٿي سگهي ٿي.
تائيوان ۾ 7.4 جي شدت جو زلزلو، 7 ڄڻا اجل جو شڪار، 700 کان وڌيڪ زخمي
مضمون کا ماخذ : پشاور لاٹری