اسلام آباد – 07 – جنوري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ??هي ته گڏيل عرب امارات 2 ارب ڊالر جي ادائيگي ملتوي ??رڻ جو فيصلو ڪيو ??هي، يو ??ي اي جي صدر پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جي حوالي سان ??نهنجي عزم جو اظهار ڪيو ??هي، بجلي جي قيمت گهٽ ??رڻ جي لاءِ صوبن سان گڏجي دستياب آپشنز تي ڪم ڪري رهيا آهيون، روانگي واپار تي ٻڌل واڌويجهه تي ڌيان ڏيڻو پوندو، انڊونيشيا جي صدر جي پاڪستان جي دوري جي تيارين کي حتمي شڪل ڏني پئي وڃي، معيشت ۾ استحڪام اچي رهيو ??هي، اسان ??نهنجو مقصد جلد حاصل ڪري وٺنداسين. اهڙن خيالن جو اظهار وزيراعظم وفاقي ڪابينا جي اجلاس ۾ ڳالهائيندي ڪيو. وزيراعظم چيو ??ه آچر ڏينهن رحيم يار خان ۾ گڏيل عرب امارات جي صدر شيخ محمد زيد سان ??لاقات تمام گهڻي لاڀائتي ۽ مثبت رهي جنهن ۾ گڏيل لاڳاپن کي مضبوط ??رڻ جي لاءِ قدمن ۽ سيڙپڪاري وڌائڻ جو جائزو ورتو ويو. يو ??ي اي جي صدر کي مون سيڙپڪاري وڌائڻ جي درخواست ڪئي جنهن تي هن پنهنجي ڪمٽمنٽ جو اظهار ڪيو ۽ چيو ??ه پاڪستان سان ??و پنهنجي ڀائراڻي تاريخي لاڳاپن کي تمام گهڻي اهميت ڏي ٿو. وزيراعظم ٻڌايو ??ه يو ??ي اي جي صدر سان ??ويڪلائي ۾ ملاقات پڻ ٿي. هن منهنجي درخواست تي 2 ارب ڊالر جي ادائيگي، جيڪا جنوري ۾ واجب الادا آهي ملتوي ??رڻ جو فيصلو ڪيو ??هي. وزيراعظم ڪابينا کي ٻڌايو ??ه بجلي جي قيمت گهٽ ٿيڻ تائين زراعت، صنعت، روانگي واپار ۽ واپار ترقي نه ٿا ڪري سگهن. گذريل هفتي بجلي جي قيمت گهٽ ??رڻ جي حوالي سان اجلاس ٿيو هو جنهن ۾ پنهنجي ساٿين ۽ صوبن سان گڏجي بجلي جي قيمت گهٽ ??رڻ جي لاءِ آپشنز تي خيالن جي ڏي وٺ ٿي. هلندڙ هفتي ان بابت جامع اجلاس ٻيهر ٿيندو جنهن ۾ دستياب آپشنز تي غور ڪيو ويندو. وزيراعظم چيو ??ه معيشت جي اوسر لاءِ بجلي جي قيمت گهٽ ??رڻ انتهائي ضروري آهي. آءِ ايم ايف آڏو اهو معاملو اٿاريو ويندو. وزيراعظم ”سميڊا“ کي پاڪستان جي ترقي ۽ خوشحالي جي لاءِ اهم قرار ڏيندي چيو ??ه اهو معيشت جي ترقي جي لاءِ ڪرنگهي جي هڏي جي حيثيت رکي ٿو. بدقسمتي سان ??اضي ۾ ان کي نظرانداز ڪيو ويو ۽ هاڻي اهو هڪ بار بڻجي چڪو آهي. مون تازو ئي ان جو اجلاس گهرايو هو. سميڊا جو بورڊ تائين نه هو، هاڻي بورڊ مڪمل ڪيو ??هي. وفاق صوبن سان گڏجي ان کي ڪامياب ادارو بڻائيندو، 15 جنوري تي ان حوالي سان ??يهر اجلاس ٿيندو. وزيراعظم ڪابينا کي ٻڌايو ??ه ٽيڪسٽائيل جي برآمدات ۾ اضافو ٿيو ??هي جيڪو خوش آئنده آهي، اسان کي روانگي واپار تي ٻڌل اوسر تي ڌيان ڏيڻو پوندو. ٽيڪسٽائيل روايتي طور تي روانگي واپار جو وڏو ذريعو آهي، اسان کي غيرروايتي ذريعن کي پڻ استعما?? ۾ ??ڻڻو پوندو. وزيراعظم ڪابينا کي انڊونيشيا جي صدر جي هلندڙ مهيني پاڪستان جي دوري بابت پڻ آگاهه ڪيو ۽ چيو ??ه جهڙي طرح ملائيشيا سان اسان جو ڀائراڻو تعلق آهي، اهڙي طرح انڊونيشيا به اسان جو ڀائر ملڪ آهي. انڊونيشيا سان ??اپار ۽ سيڙپڪاري وڌائڻ جي حوالي سان ايجنڊا تيار ڪئي پئي وڃي. انڊونيشيا جي صدر جي پاڪستان جي دوري دوران حلال گوشت، چانور ۽ کاڄرو تيل سميت مختلف شين جي واپار جي حوالي سان اڳڀرائي ٿيندي. وزيراعظم لوئر ڪرم ۾ امن معاهدي کانپوءِ معاهدي کي سبوتاز ??رڻ جي لاءِ ڪيل ڪڌي حرڪت کي افسوسناڪ قرار ڏنو ۽ ڪابينا کي ٻڌايو ??ه ان ??اقعي ۾ هڪ ڊپٽي ڪمشنر شديد زخمي ٿيو ??هي جنهن جو علاج جاري آهي. وزيراعظم واقعي ۾ زخمين جي جلد صحتيابي جي لاءِ دعا ڪئي ۽ پنهنجون جانيون قربان ڪندڙ شهيدن کي خراج عقيدت پيش ڪيو ۽ چيو ??ه قوم انهن قربانين جي معترف آهي. وزيراعظم ڪابينا کي انساني اسمگلنگ جي مڪروهه ڌنڌي جي خلاف حڪومتي قدمن بابت پڻ آگاهه ڪيو. هن چيو ??ه اهو مڪروهه ڌنڌو سالن کان جاري آهي، يونان ۾ جيڪي واقعا ٿيا انهن ۾ سوين پاڪستاني گذريل ڪجهه سالن دوران ??نهنجي جانين تان ??ٿ وڃائي ويٺا. انساني اسمگلنگ جي روڪٿام جي لاءِ حڪومت ڪم ڪري رهي آهي. انساني اسمگلنگ سان ??لڪ جي بدنامي ٿئي ٿي. ان ??ڪروهه ڌنڌي جو خاتمو ڪنداسين. وزيراعظم چيو ??ه حڪومتي قدمن ۽ ڪوششن جي ڪري معيشت ۾ استحڪام اچي رهيو ??هي. انهي جذبي، محنت، لگن ۽ عزم سان ڪم ڪنداسين ته جلد پنهنجو وڃايل مقام حاصل ڪري وٺنداسين.
گڏيل عرب امارات 2 ارب ڊالر جي ادائيگي ملتوي ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي، بجلي جي قيمت گهٽ ڪرڻ جي لاءِ صوبن سان گڏجي دستياب آپشنز تي ڪم ڪري رهيا آهيون: وزيراعظم محمد شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : اضافی مرچ