اسلام آباد – 19 ڊسمبر (اي پي پي) قوم?? اسيمبلي ج?? اسپيڪر سردار اياز صادق جي صدارت هيٺ 18 هين اسپيڪرز ڪانفرنس منعقد ٿي جنهن ۾ چئني صوبن ۽ آزاد ڄمون ڪشمير ۽ گلگت بلتستان قانون ساز اسيمبلين ج?? اسپيڪرن ڀرپور انداز ۾ شرڪت ڪئي، 10 سالن کانپوءِ ڪانفرنس منعقد ڪرڻ کي يقيني بڻائڻ تي صوبائ?? اسيمبلين ج?? اسپيڪرن، قوم?? اسيمبلي ج?? اسپيڪر سردار اياز صادق کي زبردست خراج پيش ??يو.
قوم?? اسيمبلي سيڪريٽريٽ طرفان ٺاهيل دستاويزي فلم مطابق اسپيڪرز ڪانفرنس جي شروعات 1921ع ۾ ٿي جڏهن ننڍي کنڊ پاڪ ۽ هند تي برطانوي راڄ تحت اولهه جي جمهوريت خاص طور تي ويسٽ منسٽرز جي حڪومتي طرز سان روشناس ڪرايو ويو، ان اهم فورم کي ننڍي کنڊ پاڪ ۽ هند جي پارلياماني تاريخ ۾ اهميت حاصل آهي. پاڪستان ۾ آئين سازي ۾ دير، ون يونٽ قائم ٿيڻ ۽ جمهوريت ختم ٿيڻ سبب اهم پارلياماني فورم سرد خاني ۾ هليو ويو. 1973ع ۾ متفقه آئين جي منظوري وفاقي پارلياماني جمهوريت جي راهه هم??ار ڪئي ته اسپيڪرز ڪانفرنس کي نئين سر فعال ڪيو ويو. پاڪستان ۾ پهرين اسپيڪرز ڪانفرنس 1972ع ۾ ڪراچي ۾ منعقد ٿي جنهن جي صدارت ٽئين آئين?? اسيمبلي ج?? اسپيڪر فضل الاهي چوڌري ڪئي، 1973ع، 1975ع، 1976ع ۾ ترتيبوار ڪراچي، ڪوئيٽا ۽ سوات ۾ اسپيڪرز ڪانفرنسز ان وقت جي قوم?? اسيمبلي ج?? اسپيڪر صاحبزاده فاروق علي جي سربراهي ۾ منعقد ٿيون، ستين ۽ اٺين اسپيڪرز ڪانفرنسز 1985ع ۽ 1986ع ۾ اسلام آباد ۾ ان وقت جي قوم?? اسيمبلي ج?? اسپيڪر سيد فخر امام جي سربراهي ۾ منعقد ٿي، نائين اسپيڪرز ڪانفرنس 1987ع ۾ قوم?? اسيمبلي ج?? اسپيڪر حامد ناصر چٺه جي سربراهي ۾ ڪوئيٽا ۾ منعقد ٿي. قوم?? اسميبلي ج?? اسپيڪر ملڪ معراج خالد کي 10 هين ۽ 11 هين ڪانفرنس جيڪا 1989ع ۽ 1990ع ۾ ڪراچي ۽ لاهور ۾ ٿيون، جي سربراهي ڪرڻ جو اعزاز حاصل ٿيو، پوءِ ٽن سالن بعد قوم?? اسيمبلي ج?? اسپيڪر گوهر ايوب خان جي سربراهي ۾ 1993ع ۾ 12 هين اسپيڪرز ڪانفرنس پشاور ۾ منعقد ٿي جڏهن ته قوم?? اسيمبلي ج?? اسپيڪر الاهي بخش سومرو 1998ع ۾ مظفر آباد ۾ 13 هين اسپيڪرز ڪانفرنس جي سربراهي ڪئي. پنجن سالن جي وقفي کانپوءِ قوم?? اسيمبلي ج?? اسپيڪر چوڌري امير حسين جي سربراهي ۾ 2004ع ۾ 14هين ۽ 2006ع ۾ 15هين اسپيڪرز ڪانفرنس منعقد ٿي ۽ 16 هين اسپيڪرز ڪانفرنس 2010ع ۾ اسپيڪر ڊاڪٽر فهميده مرزا جي سربراهي ۾ لاهور ۾ منعقد ٿي، 17 هين اسپيڪرز ڪانفرنس قوم?? اسيمبلي ج?? اسپيڪر سردار اياز صادق جي سربراهي ۾ 2014ع ۾ اسلام آباد ۾ منعقد ٿي، هاڻي 10 سالن کانپوءِ سندس صدارت هيٺ 18 هين اسپيڪرز ڪانفرنس منعقد ٿي رهي آهي.