اسلام آباد – 19 – نومبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ??ه ملڪ جي ترقي ۽ قومي يڪجهتي دهشتگردي جي خاتمي سان مشروط آهي، ملڪي ترقي جي لاءِ وفاق ۽ صوبن کي گڏجي ڪم ڪرڻو پوندو، ملڪ جي معاشي استحڪام ۽ پائيدار ترقي جي لاءِ اندروني ۽ ٻاهرئين سيڙپڪاري لازمي آهي، اسان کي ٽيڪس نيٽ وڌائڻو آهي ??ڏهن ئي قرض ۽ آءِ ايم ايف جي ڄار مان ڇوٽڪارو ملي سگهي ٿو، ڌرڻي ۽ احتجاج جي سياست ملڪي مفاد ۾ نه آهي. هو نيشنل ايڪشن پلان جي ايپڪس ڪميٽي جي اجلاس جي شروع ٿيڻ جي موقعي تي ڳالهائي رهيو هو جنهن ۾ صوبائي وڏن وزيرن، آرمي چيف ۽ ڪابينا جي ميمبرن شرڪت ڪئي. وزيراعظم اجلاس ۾ شرڪت ڪندڙن جا ٿورا مڃيندي چيو ته اسان سڀني جي گڏيل ڪوششن، محنت ۽ اخلاص سان آهستي آهستي ملڪي معيشت استحڪام طرف وڌي رهي ??هي، وفاق، صوبن، ادارن ۽ آرمي چيف جو ان ۾ وڏو ڪردار آهي. هن چيو ته ملڪي ترقي جي لاءِ وفاق ۽ صوبن کي گڏجي ڪم ڪرڻو پوندو، اسان ڪيستائين آءِ ايم ايف جي پروگرام تي ڀاڙينداسين. موجوده پروگرام جي لاءِ سعودي عرب، چين ۽ گڏيل عرب امارات ڀرپور ساٿ ڏنو، اسان کي آءِ ايم ايف ۽ قرضن مان جان ڇڏرائڻ جي لاءِ ٽيڪس نيٽ کي وڌائڻو پوندو، ان جي لاءِ ڪوشش ٿي رهي ??هي، هن وقت کربين رپين جي ٽيڪس ۽ بجلي چوري ٿي رهي ??هي ??سان کي ان کي روڪڻو آهي، گردشي قرض، لائين لاسز مان نڪرڻو آهي، ان جي لاءِ سڀني کي گڏجي ڪم ڪرڻو پوندو تڏهن ئي ملڪي اڳتي وڌندو. هن چيو ته اسان جي 8 مهينن جي حڪومت جي دور ۾ ڪا ڪرپشن يا فراڊ سامهون ناهي ??يو، اندروني ۽ ٻاهرئين دشمينن کي ڪو موقعو هٿ نه آيو، اهو عوامي خدمت ۽ سٺي گورننس جو مثال آهي. وزيراعظم چيو ته پوليو جي خاتمي جي لاءِ سنڌ حڪومت جو?? ڪوششون ساراهه جوڳيون آهن اهڙي طرح زرعي ٽيڪس لاڳو ڪرڻ پنجاب جي وزيراعليٰ اڳرائي ڪئي آهي، خيبرپختونخواهه جي ڪابينا پڻ ان جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي، اميد آهي ??ه سنڌ ۽ بلوچستان به جلد ان تي عمل ڪندا. وزيراعظم چيو ته ??اڪ??تان ۾ کربين ڊالر جا معدني ذخيرا موجود آهن، ??اڪ??تان قدرتي وسيلن سان مالامال آهي، ريڪوڊڪ ۽ چنيوٽ منصوبي تي غيرضروري ڪيسن سان اربين رپيا ضايع ٿيا ملڪ ان کي برداشت نه ٿو ڪري سگهي. اسان کي گڏ ٿيڻو پوندو. هن چيو ته اهو مشڪل ڪم ضرور آهي ??ڏهن ته ان کانسواءِ دنيا جي ڪا قوم ڪاميابي حاصل نه ٿي ڪري سگهي. جاپان ۽ جرمني تباهي کانپوءِ 50 سالن ۾ محنت، امانت ۽ ديانت سان ترقي جي بلندين تي پهچي ويا آهن، ??اڪ??تان ته الله تعاليٰ بي پناهه وسيلن سان نوازيو آهي، جيڪڏهن گهٽتائي آهي ??ه عزم جي آهي. هن چيو ته منهنجي دعا آهي ??ه آءِ ايم ايف جو هي ??خري پروگرام هجي. ملڪ مضبوط ۽ ترقي يافته ٿيندو ته ڪو دشمن ميري اک سان ??اڪ??تان طرف نه ڏسي سگهندو. هن چيو ته 5 آءِ پي پيز سان پاور بابت ٽاسڪ فورس جي ڪوششن سان معاملا طئي ٿيا، هڪ ٻ??ي گروپ سان ڳالهه ٻولهه حتمي مرحلن ۾ آهي. هن چيو ته ??اڪ??تان جي عوام 77 سالن ۾ وڏيون قربانيون ڏنيون آهن هاڻي اشرافيه جو وارو آهي ??ن کي هن ملڪ تمام گهڻو ڪجهه ڏنو آهي، هاڻي اشرافيه کي قرباني ڏيڻي پوندي. هن چيو ته ايف بي آر پاران ڪيترائي جعلي اڪائونٽ پڪڙيا ويا آهن. هن چيو ته ملڪي ترقي جو?? ڪوششون امن جي فروغ ۽ دهشتگردي جي خاتمي سان واڳيل آهن، نواز شريف جي دور ۾ سمورين سياسي ۽ مذهبي پارٽين ۽ عسڪري ادارن جي مشاورت سان قومي ايڪشن پلان جوڙيو ويو جنهن سان 2018ع ۾ دهشتگردي جو ناسور ختم ٿي ويو هو، دنيا ان ڪاميابي تي حيران هئي، اسان 80 هزار جانين جي قرباني ڏئي ۽ 130 ارب ڊالر جو معاشي نقصان برداشت ڪري اها ڪاميابي حاصل ڪئي هئي، جڏهن ته ٻيهر اهڙو ڇا ٿيو جو ان لعنت ٻيهر ڪَر کنيو، خيبرپختونخواهه ۽ بلوچستان ۾ روزانو دهشتگردي جو ڪو نه ڪو واقعو ٿي رهيو آهي، ان ناسور جو خاتمو نه ڪيو ته ملڪي ترقي جو?? اسان جو?? ڪوششون ضايع ٿي سگهن ٿيون. هن چيو ته ملڪي ترقي، يڪجهتي ۽ سياسي اتحاد دهشتگردي جي خاتمي سان مشروط آهي، اهو ??اڪ??تان جو سڀ کان وڏو چئلينج آهي. هن چيو ته بلوچستان ۾ بي ايل اي جيڪو ڪجهه ڪري رهي ??هي، اها بدترين درندگي آهي، اسان وٽ ان جو ڪنڌ ڪچلڻ کانسواءِ ڪو ٻيو رستو نه آهي. هن چيو ته اسان جو مسئلو نمبر ون دهشتگردي جو خاتمو آهي، ٻيو ۽ ٽيون مسئلو به اهو ئي آهي. ان جو خاتمو لازمي آهي. وزيراعظم چيو ته ??اڪ??تان جي ترقي ۽ خوشحالي سڀني کي عزيز آهي، ان جي لاءِ غور ڪرڻو آهي ??ه ڇا ڌرڻا ۽ احتجاج ??اڪ??تان جي مفاد ۾ آهن؟ هن چيو ته يقينن ڌرڻن ۽ احتجاج جي سياست ??اڪ??تان جي مفاد ۾ نه آهي، ان بابت ٿڌي دل ۽ دماغ سان سوچڻو پوندو.
ملڪ جي ترقي ۽ قومي يڪجهتي دهشتگردي جي خاتمي سان مشروط آهي، ملڪي ترقي جي لاءِ وفاق ۽ صوبن کي گڏجي ڪم ڪرڻو پوندو، ڌرڻي ۽ احتجاج جي سياست ملڪي مفاد ۾ نه آهي: وزيراعظم محمد شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : Loteria Instantânea