اسلام آباد- 08 آڪٽوبر (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني چيوآهي ته 8 آڪٽوبر 2005ع جو زلزلو قوم لاءِ آزمائش هئي. قوم ان آزمائش جي وقت ۾ جنهن اتحاد ۽ يڪ??هتي جو مظاهرو ڪيو. ان جو مثال نٿو ملي . گ??ري?? ڏينهن سينيٽ سيڪريٽريٽ مان جاري ڪيل بيان موجب 8 آڪٽوبر جي زلزلي جي ياد جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ هن چيو ته ان زلزلي جي تباهڪارين ۽ ان جي نتيجي ۾ شهيد ٿيلن کي اسان اڄ تائين ناهي وساريو. سڄي قوم 8 آڪٽوبر جي قدرتي آفت دوران وڇڙي وي?? ڪٽنبن جي ڏک ۾ برابر جي شريڪ آهي . سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني چيو ته 8 آڪٽوبر جي زلزلي دوران سڄي قوم پنهنجي مصيبت ۾ ورتل ڀائرن سان گڏ بيٺل رهي. هن چيو ته ملڪي عوام جي ان بي مثال قومي اتحاد ۽ يڪ??هتي متاثرن کي نئين سر پنهنجي پيرن تي بيهڻ لاءِ هڪ نئون حوصلو ۽ عزم ڏنو. ان قدرتي آفت دوران آزاد ڪشمير ۽ اترئين علائقن جا اٽڪل 80 هزار کان به وڌيڪ ماڻهون شهيد ۽ بي گهر ٿيا. سيد يوسف رضا گيلاني چيو ته ان وقت متاثرين جي بحالي هڪ مشڪل مرحلو هيو پر قومي اتحاد ۽ يڪ??هتي ۽ دوست ملڪن جي سهڪار سان بحالي جو اهو مشڪل ڪ?? ممڪن ٿيو.سينيٽ چيئرمين وڌيڪ چيو ته اڄ به ق??م کي 8 آڪٽوبر جي زلزلي کانپوءِ واري اتحاد ۽ يڪ??هتي جي ضرورت آهي. اهڙي طرح پاڻ ۾ اختلافن کي وساري ملڪ کي درپيش چيلنجن مان ڇوٽڪارو حاصل ڪرائي سگهجي ٿو. سينٽ چيئرمين سيد يوسف رضاگيلاني 8 آڪٽوبر 2005 ع جي زلزلي ۾ شهيد ٿيلن جي مغفرت لاءِ دعا ڪئي ۽ ملڪ کي اهڙين آفتن مان محفوظ رکڻ جي دعا پڻ ڪئي.
پاڪستاني قوم کي اڄ به 8 آڪٽوبر جي زلزلي کانپوءِ واري اتحاد ۽ يڪجهتي جي ضرورت آهي: سينيٽ چيئرمين
مضمون کا ماخذ : پاور بال کے اعدادوشمار