اسلام آباد – 27 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف بلوچستان ۾ امن امان جي صورتحال بهتر بڻائڻ جي حوالي سان هر ??مڪ?? قدمن ۽ دهشتگردن جي نشاندهي ڪري انهن جي خلاف ڀرپور ڪارروائي جي هدايت ڪئي آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف سان وفاقي گهرو وزير سيد محسن رضا نقوي ۽ بلوچستان جي وڏي وزير سرفراز بگٽي ملاقات ڪئي. وفاقي گهرو وزير ۽ بلوچستان جي وڏي وزير وزيراعظم کي بلوچستان جي سيڪيورٽي ۽ مجموعي صورتحال تي تفصيلي بريفن?? ڏني. وزيراعظم چيو ته بلوچستان ۾ گذريل ڏينهن ٿيندڙ دهشتگرد حملا بزدلاڻيون ڪارروايون هيون جن جو ڪو جواز پيش نٿو ڪري سگهجي، اسان جي بهادر سيڪيورٽي فورسز پنهنجي جانين جا نذرانا پيش ڪري دهشتگردن جي ارادن کي ناڪام بڻايو. وزيراعظم بلوچستان ۾ امن امان جي صورتحال بهتر بڻائڻ جي حوالي سان هر ??مڪ?? قدم کڻڻ جي هدايت ڪئي. هن دهشتگردن جي نشاندهي ڪري انهن جي خلاف ڀرپور ڪارروائي جي پڻ هدايت ڪئي.
وزيراعظم سان وفاقي گهرو وزير سيد محسن رضا نقوي ۽ بلوچستان جي وڏي وزير سرفراز بگٽي جي ملاقات، بلوچستان جي سيڪيورٽي ۽ مجموعي صورتحال تي تفصيلي بريفنگ، وزيراعظم پاران دهشتگردن جي نشاندهي ڪري انهن جي خلاف ڀرپور ڪارروائي جي هدايت
مضمون کا ماخذ : لوٹومینیا