اسلام آباد-09جنوري (اي پي پي) ڪابينا جي اقتصادي رابطا ڪميٽي (اي سي سي) انٽيلي جنس بيورو لاءِ 25 ڪروڙ روپين جي فني ضمني گر??نٽ جي منظوري ڏئي ڇڏي. اي سي سي جو اجلاس ناڻي واري نگران وفاقي وزير ڊاڪٽر شمشاد اختر جي صدارت ۾ ٿيو. اجل??س ۾ نجڪاري واري وزير فواد حسن فواد، رٿابندي واري وزير محمد سميع سعيد، رٿابندي ڪميشن جي چيئرمين ڊاڪٽر محمد جهانزيب خان، قانون واري وزير احمد عرفان اسلم، وزيراعظم جي ناڻي بابت صلاحڪار وقار مسعود، وفاقي سيڪريٽرين ۽ لاڳاپيل وزارتن جي سينئر آفيسرن شرڪت ڪئي. اجل??س ۾ هلندڙ مالي سال دوران انٽليجنس بيورو لاءِ 25 ڪروڙ روپين جي اضافي فنڊن جي فراهمي بابت سمري پيش ڪئي وئي. انٽيليجنس بيورو طرفان ڪميٽي کي دهشتگردي جي واقعن ۾ اضافي بابت بريفنگ ڏني وئي ۽ ٻڌايو ويو ته دهشتگردن جي ناپاڪ ارادن کي روڪڻ لاءِ اث??ائ??ا جوابي قدم ضروري آهن. ڪميٽي آءِ بي جي اپ گريڊيشن، فني بهتري ۽ بيورو جي سرگرمين لاءِ ضروري بنياد تي فني ضمني گر??نٽ جي صورت ۾ فنڊن جي فراهمي جي منظوري ڏئي ڇڏي. اجل??س ۾ صنعت ۽ پيداوار واري وزارت طرفان مقامي طور تي تيار ڪيل يوريا سان گڏ ٻاهران گهرايل يوريا جي باسڪٽ پ??ائ?? ۽ وڪري جي طريقيڪار بابت سمري پيش ڪئي وئي. اي سي سي ويٽڊ اوسط قيمت جي منظوري ڏيندي نيشنل فرٽيلائيزر مينوفيچڪرنگ لميٽيڊ ڪمپني کي قيمتون مناسب رکڻ جڏهن ته صنعت ۽ پيداوار وزارت کي سڄي عمل جي نگراني جي هدايت ڪئي. اي سي سي قومي صحت واري وزارت جي سمري تي فيڊرل ڊائريڪٽوريٽ آف اميونائيزيشن لاءِ 3568.56 ملين روپين جي فني ضمني گر??نٽ جي منظوري ڏئي ڇڏي. اي سي سي صوبن کي التوا ۾ پيل رهتون ڪليئر ڪرڻ جي هدايت به ڪئي. اجل??س ۾ سبسڊي گر??نٽ ايگريمينٽ (ايس جي اي) جي ضميمه تي صحيحن بابت ناڻي واري وزارت جي سمري جي منظوري پڻ ڏني وئي. اجل??س ۾ بين الصوبائي رابطن واري وزارت جي سمري تي 100 ملين روپين جي فني ضمني گر??نٽ جي منظوري ڏني وئي. اها گر??نٽ پاڪستان هاڪي ٽيم جي عالمي مقابلن ۾ شرڪت ۽ راندين جي ٻين سرگرمين سميت ڀارت سان ڊيوس ڪپ ۽ شطرنج جي مقابلن لاءِ استعمال ۾ آندي ويندي.
ڪابينا جي اقتصادي رابطا ڪميٽي انٽيلي جنس بيورو لاءِ 25 ڪروڙ روپين جي فني ضمني گرانٽ جي منظوري ڏئي ڇڏي
مضمون کا ماخذ : سٹاربرسٹ