اسلام آباد – 24 – آڪٽوبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ هدايت ڪئي آهي ته هاڪي جي رانديگرن کي عالمي مقابلن جي تياري جي لاءِ هر قسم جون سهولتون فراهم ڪيون وڃن، هاڪ?? کي هڪ ڀيرو ٻيهر ان جو وڃايل مقام ڏيارينداسين. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب اهڙن خيالن جو اظهار هن ايشيا ڪپ ۽ ورلڊ ڪپ کٽيندڙ ??اڪ??تان هاڪي ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان اصلاح الدين صديقي سان ڳالهائيندي ڪيو. ملاقات ۾ اصلاح الدين صديقي نگران وزيراعظم کي پنهنجي سوانح عمري ”ڊيش ٿرو مائي لائيف“ پيش ڪئي. ملاقات ۾ ??اڪ??تان ۾ هاڪي جي موجوده صورتحال، ان جي بحالي ۽ فروغ ??ي لاءِ قدمن تي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. اصلاح الدين صديقي گذريل رات هاڪي چيمپيئن شپ پڄاڻي واري مئچ ۾ نگران وزيراعظم جي شرڪت تي سندس ٿورا مڃيا. اصلاح الدين صديقي رانديگرن جي حوصلا افزائي تي نگران وزيراعظم کي ساراهيو. نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو ته ??اڪ??تاني هاڪي ٽيم ڪيترن ئي ڏهاڪن تائين هاڪي جي ميد??نن ۾ ملڪ ۽ قوم جو نالو روشن ڪيو آهي. قومي راند هاڪي جي ??اڪ??تان ۾ موجوده صورتحال ڳڻتي جوڳي آهي، ??اڪ??تان ۾ هاڪ?? کي هڪ ڀيرو ٻيهر ان جو وڃايل مقام ڏياري رهنداسين. هن چيو ته اصلاح الدين صديقي جهڙا ليجينڊ ??اڪ??تان جا اصل هيرو آهن، حڪومت نوجو??نن ۾ هاڪي جي فروغ لاءِ هر ممڪن قدم کڻندي. نگران وزيراعظم هدايت ڪئي ته هاڪي جي رانديگرن کي عالمي مقابلن جي تياري لاءِ هر قسم جون سهولتون فراهم ڪيون وڃن.
هاڪي جي رانديگرن کي عالمي مقابلن جي تياري جي لاءِ هر قسم جون سهولتون فراهم ڪيون وڃن: نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ
مضمون کا ماخذ : تھور میگا ویز کی طاقت