اسلام آباد – 19 – آڪٽوبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي پاڪستان ۾ ??لس??ين جي سفارتخاني جو دورو ڪيو ۽ اسرائيل جي هٿان انڌاڌنڌ قتلام جو نشانو بڻجندڙ ??لس??ينين سان يڪجهتي جو اظهار ڪيو. هن عالمي برادري تي زور ڏنو ته اها اسرائيل جي بربريت ۽ ان جي غيرمتناسب ردعمل ۾ هزارين بيگناهه ماڻهن جي شهادت جي مذمت ڪري. صدر فوري جنگبندي ۽ خوراڪ، بجلي ۽ پاڻي کان محروم ماڻهن تائين امداد موڪلڻ جي لاءِ هڪ انساني لنگهه کولڻ جو مطالبو ڪيو. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب صدر اسلام آباد ۾ ??لس??ين جي سفير احمد جواد ربيع سان پڻ ملاقات ڪئي ۽ پاڪستاني حڪومت ۽ عوام پاران ??لس??يني عوام سان يڪجهتي جو اظهار ڪيو. هن چيو ته پاڪستان سدائين ??لس??ين سان گڏ بيٺل رهندو ۽ رڳو اهو ئي قبول ڪندو جيڪو ??لس??ينين جي لاءِ قابل قبول هجي. ان موقعي تي صدر چيو ته گڏيل قومن کي ??لس??ين ۾ ٿيندڙ ظلمن تي بحث ڪرڻ گهرجي، گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل اسرائيلي ظلمن کي روڪڻ جي لاءِ قرارداد پاس ڪري. هن چيو ته اهڙي طرح جي وحشياڻي قدمن سان نفرت جا وڌيڪ امڪان پيدا ٿين ٿا جنهن سان وڌيڪ جنگيون شروع ٿين ٿيون، او آءِ سي کي ??لس??ين جي حمايت ۾ ڀرپور آواز اٿارڻ گهرجي. صدر چيو ته پاڪستاني عوام پاران اسان غزه ۾ ٿيندڙ بربريت، اسرائيل جي غيرمتناسب ردعمل ۽ گذريل 30 – 40 سالن کان نسلي فرق جي مذمت ڪريون ٿا. هن چيو ته اسان مذمت ڪريون ٿا ته ماڻهن کي بيدرديءَ سان ماريو پيو وڃي، غزه جي اسپتال تي بمباري ڪئي وئي جنهن ۾ 500 کان وڌيڪ ماڻهو شهيد ٿيا، اهو سڀ ڪجهه وڌيڪ تلخي پيدا ڪري ٿو. صدر ان ڳالهه تي زور ڏنو ته جنگ اصل ۾ امن جي ڪنهن به امڪان کي مڪمل طور تي تباهه ڪري ڇڏي ٿي. هن وڌيڪ چيو ته ??لس??يني عوام کي پرامن ٻه رياستي حل ??اص?? ڪرڻ جي ڪوششن کان روڪڻ جي لاءِ رڪاوٽون پيدا ڪيون پيون وڃن، اهڙيون رڪاوٽون ڪڏهن به قائم ناهن رهنديون، عوام انهن کي ختم ڪري ڇڏيندي آهي. هن وڌيڪ چيو ته جيستائين ٻه رياستي حل کي روڪيو ويندو، ماڻهو ردعمل ظاهر ڪندا رهندا. ??لس??يني سفير هن مشڪل وقت ۾ ??لس??ين جي سفارتخاني جو دورو ڪرڻ تي صدر جا ٿورا مڃيا. هن غزه ۾ اسرائيل جي قدمن کي ??لس??يني عوام جي نسل ڪشي قرار ڏنو. ان کان اڳ صدر ??لس??يني سفارتخاني ۾ تعزيتي ڪتاب ۾ پنهنجا تاثر پڻ قلمبند ڪيا ۽ ??لس??يني عوام ۽ وحشياڻي اسرائيلي حملن ۾ پنهنجون جانيون وڃائيندڙ شهيدن جي گهر??ات??ن سان دلي تعزيت جو اظهار ڪيو.
صدر پاران فلسطين جي سفارتخاني جو دورو، اسرائيل جي هٿان انڌاڌنڌ قتلام جو نشانو بڻجندڙ فلسطينين سان يڪجهتي جو اظهار
مضمون کا ماخذ : لوٹیریا کا اطلاق