اسلام آباد – 18 – آڪٽوبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي مراڪش سان واپار، سيڙپڪاري ۽ معيشت جي شعبن ۾ تعاون وڌائڻ تي زور ڏيندي چيو آهي ته مراڪش پاڪستان جي ڪاروبار دوست م??حول مان فائدو کڻي سگهي ٿو، پاڪستان جو نامزد سفير مراڪش ۾ پاڪستاني روانگي واپار وڌائڻ جي لاءِ ڪم ڪري. اهڙن خيالن جو اظهار هن مراڪش ۾ پاڪستان جي نامزد سفير محمد سميع الرحمان سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ايوان صدر ۾ ساڻس مل??قات ڪئي. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب صدر چيو ته پاڪستان – مراڪش لاڳاپا گڏيل تاريخ ۽ مفادن تي ٻڌل آهن، ٻنهي ملڪن کي ٻطرفو تعاون وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي لاءِ اعليٰ سطحي دورن جي مٽاسٽا وڌائڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته خصوصي سيڙپڪاري سهولت ڪائونسل ملڪ ۾ سيڙپڪاري را??ب ڪرڻ جي لاءِ جوڙي وئي، مراڪش پاڪستان جي ڪاروبار دوست م??حول مان فائدو کڻي سگهي ٿو. ان کان اڳ جنيو?? ۾ ??ڏيل قومن ۾ پاڪستان جي سفير/ مستقل نمائندي ڊاڪٽر بلال احمد پڻ صدر سان مل??قات ڪئي. صدر نامزد سفير کي چيو ته هو قومي مفادن ۽ ترجيحن جي تحفظ جي لاءِ گڏيل قومن سان پاڪستان جا مثبت لاڳاپا وڌائي، پاڪستاني عوامي صحت جي نظام جي صلاحيت وڌائڻ جي لاءِ صحت جي عالمي اداري سان لاڳاپن تي ڌيان ڏي. صدر چيو ته ليبر جو معيار برقرار رکڻ جي لاءِ انٽرنيشنل ليبر آرگنائيزيشن سان را??طا وڌائڻ جي ضرورت آهي. صدر چيو ته اسلامو فوبيا، ڪشميرين ۽ فلسطيني عوام جي خراب حالت جهڙن مسئلن تي مسلمان امت جي آواز کي پيش ڪرڻ جي ضرورت آهي، نامزد سفير ڀارت جو اصل چهرو بي نقاب ڪرڻ، والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ انساني حقن جي خلاف ورزين ۽ ظلمن کي اجاگر ڪرڻ جي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪري. صدر نامزد سفيرن جي مستقبل جي ذميوارين جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو.
مراڪش سان واپار، سيڙپڪاري ۽ معيشت جي شعبن ۾ تعاون وڌايو وڃي: صدر ڊاڪٽر عارف علوي
مضمون کا ماخذ : apostas lotofácil