اسلام آباد – 26 – سيپٽمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي چيو ??هي ته اوگرا واحد ادارو ??هي جيڪو پيٽروليم مصنوعات جي قيمتن بابت اعلان ڪري ٿو، هو پيٽروليم مصنوعات جي قيمتن بابت قياس آرائين جو حصو نه آهي، اخبار ۽ صحافي خليق ڪياني کي ان حوالي سان ڪو نتيجو اخذ ??رڻ کان اڳ ??ون کان پڇيل سوال ۽ ان جو جواب ٻڌڻ گهرجي. صحافي خليق ڪياني جي هڪ خبر جو حوالو ڏيندي مرتضيٰ سولنگي پنهنجي ٽوئيٽ ۾ چيو ته هو آئل اينڊ گئس ريگيوليٽري اٿارٽي کي ساراهي ٿو ته هن هر هڪ کي پيٽروليم مصنوعات جي قيمتن بابت قياس آرائين کان پاسو ??رڻ جو چيو. اطلاعات واري نگران وفاقي وزير چيو ته هو انهن قياس آرائين جو حصو نه آهي، هڪ پريس ڪا??فرنس دوران کانئس پڇيو ويو ته پيٽروليم مصنوعات جي قيمتن ۾ اضافو ٿي رهيو آهي؟ جنهن تي ??ون واضح طور تي چيو ته پيٽروليم مصنوعات جي قيمتن جو بنيادي طور تي تعين عالمي مارڪيٽ جي قيمتن ۽ ڊالر جي مٽاسٽا جي شرح سان ٿئي ٿو. اطلاعات واري نگران وفاقي وزير واضح ڪيو ته اهو ٻڌائڻ کانسواءِ ته امڪان ويجهو ??هي يا نه، ??ون انهي ڏينهن هڪ شايع ٿيندڙ رپورٽ جو ذڪر ڪيو جنهن ۾ قيمتن ۾ گهٽتائي جي حوالي سان اڳ??ٿي ڪئي وئي هئي. مرتضيٰ سولنگي چيو ته اهو اوگرا جو اختيار ??هي ۽ اوگرا ئي واحد ادارو ??هي جيڪو پيٽروليم مصنوعات جي قيمتن بابت اعلان ڪري ٿو. نگران وفاقي وزير چيو ته هن ان ڳالهه جو ڪو اشارو ناهي ڏنو جيئن ته هڪ قومي انگريزي اخبار ۾ رپورٽ ڪيو ويو آهي. هن چيو ته اخبار ۽ صحافي خليق ڪياني ٻنهي کي ان حوالي سان ڪو نتيجو اخذ ??رڻ کان اڳ ??ون کان پڇيل سوال ۽ ان جو مڪمل جواب ٻڌڻ گهرجي، اهو ان جي لاءِ مددگار ثابت ٿيندو.
اوگرا واحد ادارو آهي جيڪو پيٽروليم مصنوعات جي قيمتن بابت اعلان ڪري ٿو: مرتضيٰ سولنگي
مضمون کا ماخذ : راکی