اسلام آباد – 12 – سيپٽمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چين سان واپار، معيشت، ثقافت ۽ دفاع جي شعبن ۾ تعاون وڌيڪ مضبوط بڻائڻ تي زور ڏيندي چيو آهي ته چين هڪ اعتماد جوڳو ۽ آزمايل دوست آهي، پا??ستان چين سان اسٽريٽجڪ لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ چاهي ٿو. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر اهڙن خيالن جو اظهار پا??ستان عوامي جمهوريه چين جي نامز?? سفير چيانگ زي دنگ سان ملاقات دوران ڳالهائيندي ڪيو جنهن کيس ايوان صدر ۾ پنهنجُون سفارتي سندُون پيش ڪيُون. صدر کي وينزويلا ۽ ڪولمبيا جي (غيررهائشي) سفيرن پڻ سفارتڪاري سندون پيش ڪيون ۽ ساڻس جدا جدا ملاقات ڪئي. پا??ستان ۾ چين جي نامز?? سفير چيانگ زي دنگ جي آجيان ڪندي صدر چيو ته پا??ستان چين سان پنهنجي لاڳاپن کي تمام گهڻي اهميت ڏي ٿو، چين سدائين مشڪل وقت ۾ پا??ستان جو ساٿ ڏنو، پا??ستان سمورن بنيادي معاملن تي چين جي حم??يت جاري رکندو. هن چيو ته پا?? چين اقتصادي لنگهه پا??ستان جي سماجي ۽ اقتصادي ترقي ۾ اهم ڪردار ادا ڪندي، منصوبي سان پا??ستان جي بنيادي ڍانچي کي جديد بڻائن، صلاحي وڌائڻ ۽ پائيدار توانائي جي فراهمي يقيني بڻائڻ ۾ مدد ملي آهي. صدر چيو ته پا??ستان سي پيڪ تحت سمورن منصوبن جي وقت تي تڪميل جي لاءِ پرعزم آهي، هن پا??ستان جي سماجي ۽ اقتصادي ترقي سان گڏوگڏ ڄمون ۽ ڪشمير جي تڪرار تي اصولي موقف جي اڻٿڪ حم??يت تي چين جا ٿورا مڃيا. صدر ڊاڪٽر عارف علوي سان وينزويلا جي نامز?? سفير هوزي رافيل سلوا اپونٽي پڻ ملاقات ڪئي. پا??ستان وينزويلا سان واپاري ۽ اقتصادي لاڳاپا بهتر بڻائڻ تي خصوصي زور ڏي ٿو. صدر چيو ته وينزويلا جا سيڙپڪار پا??ستان جي سيڙپڪار دوست پاليسين مان فائدو کڻي سگهن ٿا. صدر سان ڪولمبيا جي نامز?? سفير جوليو ايني??ل ريانو ويلانڊيا پڻ ملاقات ڪئي. صدر ڊاڪٽر عارف علوي ڪولمبيا سان اقتصادي، ثقافتي ۽ واپاري لاڳاپا وڌيڪ وڌائڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. صدر سفيرن کي انهن جي مقرري تي مبارڪباد ڏني ۽ ان اميد جو اظهار ڪيو ته سفير پا??ستان سان ٻطرفي تعاون کي وڌيڪ وڌائڻ جي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪندا.
چين هڪ اعتماد جوڳو ۽ آزمايل دوست آهي، پاڪستان چين سان اسٽريٽجڪ لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ چاهي ٿو: صدر ڊاڪٽر عارف علوي
مضمون کا ماخذ : jogos de azar no Brasil