اسلام آباد – 04 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستان سياحن جي لا??ِ هڪ بي مثال ملڪ ??هي، اي پورٽل سڄي دنيا مان سياحن جي پاڪستان ۾ دلچسپي وڌائڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندو، پاڪستان ۾ بي شمار سياحتي ماڳ آهن ۽ خاص طور تي ملڪ ??ي اترئين علائقن جا قدرتي منظر بي مثال آهن، پاڪستان قدرتي وسيلن سان مالامال ملڪ ??هي. اهڙن خيالن جو اظهار وزيراعظم محمد شهباز شريف ”سلام پاڪستان“ برانڊ ۽ اي پورٽل جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته تقريب ۾ شرڪت خوشي جوڳي آهي، پاڪستان ۾ سياحت، ثقافت ۽ تاريخي ورثي جي فروغ جا وسيع موقعا دستياب آهن، ملڪ ۾ سيا??ت جي شعبي جي ترقي ۽ فروغ جي لا??ِ وزيراعظم جو صلاحڪار عون چوڌري ۽ سندس ٽيم جون ڪوششون قابل قدر آهن. ڀائر اسلامي ملڪن سميت دنيا جي ڪيترن ئي ٻين ملڪن ثقافت، دستڪاري ۽ سيا??ت جي شعبي ۾ نمايان ترقي ڪئي آهي. پاڪستان کي الله تعاليٰ بي پناهه قدرتي وسيلن ۽ خوبصورت من??رن سان نوازيو آهي، خاص طور تي ملڪ ??ي اترئين علائقن ۾ سياحتي ماڳن کي سيا??ت جي فروغ لا??ِ استعمال ڪري سگهجي ٿو. هن چيو ته عون چوڌري جي سيا??ت جي شعبي جي ترقي ۽ پاڪستان جي لا??ِ قابل قدر خدمتون آهن. وزيراعظم غيرملڪي سفيرن ۽ سفارتي برادري جي تقريب ۾ شرڪت جي آجيان ڪندي دعا ڪئي ته الله تعاليٰ ملڪ ۾ سياحت، ثقافت، تاريخي ورثي ۽ دستڪاري جي شعبي جي ترقي لا??ِ سلام پاڪستان برانڊ ۽ اي پورٽل کي ڪاميابي سان نوازي.
پاڪستان سياحن جي لاءِ هڪ بي مثال ملڪ آهي: وزيراعظم محمد شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : números dupla sena