اسلام آباد – 26 – جولاءِ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي اڪائونٽنٽ جنرل پاڪستان روينيو (اي جي ??ي آر) جي ??نشيات رکڻ جي ڪيس ۾ سزا يافته اڳوڻي ملازم جي ??ينشن روڪڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. اڪائونٽنٽ جنرل پاڪستان روينيو (اي جي ??ي آر) جي اڳوڻي سينيئر آڊيٽر کي 54 ڪلوگرام چرس رکڻ تي س??ا ٻڌائي وئي هئي. صدر اي جي ??ي آر جي اڳوڻي سينيئر آڊيٽر مي?? محمد قمبراڻي جي ??فاقي محتسب جي ??يصلي جي خلاف اپيل رد ڪندي قرار ڏنو ته ”سنگين بدانتظامي“ يا ”سنگين ڏوهه“ ۾ ملوث ڪنهن به سرڪاري ملازم جي ??ينشن کي رٽائرمينٽ کانپوءِ بند ڪري سگهجي ??و. ايوان صدر جي ??ريس ونگ موجب مي?? محمد قمبراڻي (شڪايت ڪندڙ) کي نوڪري تان رٽائرمينٽ کانپوءِ گاڏي ۾ 54 ڪلوگرام چرس رکڻ جي ڏوهه ۾ فوجداري ڪيس ۾ سزا ٻڌائي وئي هئي. ڪوئيٽا جي خصوصي عدالت شڪايت ڪندڙ کي منشيات ڪنٽرول ايڪٽ 1997ع تحت سخت پورهئي س??ن عمر قيد ۽ هڪ لک رپيا ڏنڊ جي س??ا ٻڌائي هئي. بعد ۾ اي جي ??ي آر فوجداري ڪيس ۾ سزا ٻڌائڻ جي تاريخ کان ڏوهاري جي ??ينشن روڪي ڇڏي. شڪايت ڪندڙ پنهنجي ??ينشن جي بحالي جي ??اءِ اپيل داخل ڪئي جنهن کي رد ڪيو وي??. ڏوهاري فيصلي جي خلاف وفاقي محتسب کي شڪايت داخل ڪرائي جنهن کي اتان به رد ڪيو وي??. بعد ۾ شڪايت ڪندڙ صدر کي محتسب جي ??يصلي جي خلاف درخواست داخل ڪئي. صدر پنهنجي ??يصلي ۾ چيو ته اسپيشل جج ڪوئيٽا جي ??يصلي موجب ڏوهاري جي ??بضي مان وڏي مقدار ۾ چرس برآمد ٿي ۽ عدالت ۾ پيش ڪئي وئي. ڏوهاري رضاڪاراڻي طور تي اعتراف ڪيو ته ان کان اڳ به هو 4، 5 ڀيرا منشيات اسمگل ڪندو رهيو آهي. هن چيو ته قانون تحت مستقبل جو سٺو طرزعمل پينشن گرانٽ جي ??ازمي شرط آهي، جيڪڏهن پينشنر ڪنهن سنگين ڏوهه يا بدانتظامي ۾ ملوث هُجي ته حڪومت پينشن يا ان جي ??ڪ حصي کي روڪڻ يا واپس وٺڻ جو حق محفوظ رکي ٿي. صدر چيو ته ضابطي تحت پينشن جو پ??رو يا ڪو حصو روڪڻ يا واپس وٺڻ جي سوال تي صدر جو فيصلو حتمي هوندو آهي. سپريم ڪورٽ به پينشن جو حقدار هجڻ جي ??اءِ سرڪاري ملازم جي سڄي زندگي جو سٺو عمل هجڻ ضروري قرار ڏنو آهي. صدر چيو ته سول سروس ضابطي 351 تحت مي?? محمد قمبراڻي جي س??ا جي تاريخ کان پينشن روڪي وڃي ٿي.
صدر پاران منشيات رکڻ جي ڪيس ۾ سزا يافته اي جي پي آر جي اڳوڻي سينيئر آڊيٽر جي پينشن روڪڻ جو حڪم
مضمون کا ماخذ : اسکریچ کارڈ پاکستان