ڪراچي – 14 جون(اي پي پي) سامونڊي طوفان بائپر جواءِ کي نظ?? ۾ ??کندي سامونڊي فوج ڪريڪس جي علائقن ۾ ريسڪيو ۽ رليف آپريشنن ۾ ڀرپور نموني حص?? وٺي رهي آهي. هاڻي تائين پاڪ نيوي جون ايمرجنسي ريسپانس ٽيمون ضلعي حڪومت جي سهڪار سان چوهڙ جمالي سان لاڳاپيل ڏورانهن ڳوٺن مان هڪ هزار کان وڌيڪ ماڻهن کي محفوظ هنڌن ڏانهن منتقل ڪري چڪيون آهن. ان کان علاوه ٻين لاڳاپيل ڪريڪ جي علائقن م??ن ٻارن سوڌو 40 مقامي مهاڻن کي ريسڪيو ڪيو ويو آهي. جاري ڪيل پريس رليز موجب ريسڪيو ڪيل مهاڻن کي پاڪ نيوي پاران مقرر خاص ميڊيڪل ٽيمن بروقت طبي امداد به فراهم ڪئي. پاڪ نيوي جي ايس ايس جي ڊائيونگ ٽيمن ڪيٽي بندر ،ترڪي بندر ۽ ٻين هنڌن کان امدادي ڪيمپن تائين 9000 ماڻهن کي محفوظ طريقي س??ن ٻاهر ڪڍڻ ۾ مقامي انتظاميه جي مدد ڪئي. ڪريڪس برگيڊ جي ايمرجنسي ريسپانس ٽيمن متاثر ماڻهن کي بروقت امداد فراهم ڪرڻ لاءِ ڏورانهن سامونڊي پٽي وارن علائقن ۾ گشت ڪيو.
سامونڊي طوفان بائپر جواءِ کي نظر ۾ رکندي سامونڊي فوج ڪريڪس جي علائقن ۾ ريسڪيو ۽ رليف آپريشنن ۾ ڀرپور نموني حصو ورتو، پاڪ نيوي هڪ هزار کان وڌيڪ ماڻهن کي محفوظ هنڌن ڏانهن منتقل ڪيو
مضمون کا ماخذ : آن لائن لاٹری کے انعامات