اسلام آباد- 21 جون (اي پي پي) قومي اسيمبليءَ ۾ ايندڙ مالي سال 24-2023ع جي بج??ٽ تي بحث جاري ??هيو. ان دوران ميمبرن مهانگائي تي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ قدم کڻڻ، زراعت جي شعبي تي ??اص ڌيان ڏيڻ ۽ عدالتن طرفان انصاف جي فوري فراهمي جي ضرورت تي زور ڀريو ويو. قومي اسيمبليءَ ۾ وقفي بعد بحث ۾ حصو وٺندي مسلم ليگ (ن) جي ميم??ر شائسته پرويز ملڪ 9 مئي جي واقعن جي مذمت ڪندي چيو ته هڪ شخص نوجوانن جي ذهنن ۾ انتقام، بداخلاقي ۽ نفرت جو زهر ڀري ڇڏيو آهي، تربيت تي توجهه ڪرڻي پوندي ته جيئن ان جو خاتمو آڻي سگهجي. هن چيو ته پاڪستان ۾ 2 ڪروڙ ٻار اسڪولن کان ٻاهر آهن، سرڪاري ??سڪولن ۾ تعليم جي معيار کي ترجيح ڏني ويندي. جمهوريت جو حصن اختلاف راءِ ۾ آهي، اسان کي ويهي ميثاق معيشت ڪرڻي پوندي، ريگيوليٽري ??ٿارٽيز کي ختم ڪرڻ کانسواءِ سيڙپڪاري نٿي ٿي سگهي. پي ٽي آءِ جي ميمبر احمد حسين ديهڙ چيو ته مهانگائي ۽ ناڻي واڌ تي ڳالهائيندس، غريب ماڻهن کي تمام گهڻيون ڏکيائون آهن، انهن کي گذريل 4 سالن کان خواب ڏيکاريا ويا جيڪي ساڀيان نه ٿي سگهيا. 10 سالن لاءِ ميثاق معيشت ڪيو وڃي. وزيراعظم جي ان حوالي سان قدمن جي واکاڻ ڪريون ٿا. هن چيو ته حڪومت ملازمن جي پگهارن ۾ معقول اضافي تي مبارڪون ڏيون ٿا، اسڪيل هڪ کان 10 تائين جي ملازمن جي پگهارن ۾ 50 سيڪڙو اضافو ڪيو وڃي، بارٽر سسٽم جو معاهدو اهم آهي. ان سان معيشت بهتر ۽ ڊالر ڪنٽرول ۾ ايندو. هن چيو ته شمسي توانائيءَ کي هٿي وٺرائي وڃي، موسمياتي تبديلين جو بدترين شڪار پاڪستان آهي، ان جي ازالي لاءِ عالمي ادارن کي واجب الادا قرضن ??ي وياج جي ادائگي ۾ ڇوٽ ملڻ گهرجي، وياج جي شرح ۾ گهٽتائي آڻڻ گهرجي، سعودي عرب ۽ يو اي اي اي کان امداد بجاءِ سيڙپڪاريءَ ڏانهن ڌيان ڏيارڻ گهرجي. پ پ جي ميمبر علي موسيٰ گيلاني چيو ته ڏکڻ پنجاب صوبي لاءِ عملي ڪم پ پ ڪيو، سينيٽ مان ان جي اتفاق راءِ جو ڪريڊٽ يوسف رضا گيلاني ڏانهن وڃي ٿو. هن چيو ته سنڌ جا خدشا دُور ڪرڻ لاءِ وزيراعظم جا ٿورائتا آهيون. مسلم ليگ (ن) جي ميمبر چوڌري ??ابد رضا چيو ته اسحاق ڊار متوازن بج??ٽ پيش ڪئي آهي، ڪو نئون ٽيڪس نه لڳايو ويو. پ پ جي ميمبر نويد عامر جيوا بحث ۾ حصو وٺندي چيو ته بج??ٽ سازي چونڊيل نمائندن ذريعي ٿيڻ گهرجي، اسان کي بج??ٽ ٺاهڻ جي عمل تي نظرثاني ڪرڻ هجي. اسلام آباد ۾ ڪچين آبادين کي ڊاٺو پيو وڃي، بج??ٽ ۾ انهن مسئلن تي ڌيان ڏنو وڃي. اقليتي پاڪستان جا برا??ر شهري ??هن، اتحادي حڪومت متحد آهي. هن چيو ته اقليتي ميمبرن ترقياتي فنڊ لاءِ درخواست ڪئي آهي اها فنڊ جاري ڪيا وڃن.
قومي اسيمبليءَ ۾ بجيٽ تي بحث جاري، ميمبرن پاران مهانگائي ڪنٽرول ڪرڻ، زراعت جي شعبي تي خاص ڌيان ڏيڻ ۽ انصاف جي فراهمي جي ضرورت تي زور
مضمون کا ماخذ : loteria instantânea