اسلام آباد – 06 – ڊسمبر (اي پي پي) پاڪستان ڀا??تي حڪومت کان تاريخي بابري مسجد کي ان جي اصل جڳهه تي ٻي??ر تعمير ڪرڻ ۽ ان جي تباهي جي ذميوار ڏوهارين کي سزا ڏيڻ جو مطالبو ڪيو آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان هندو انتهاپسندن جي هٿان تاريخي بابري مس??د جي شهادت جي 30 سال مڪمل ٿيڻ جي موقعي تي هڪ بيان ۾ بابري مس??د جي جڳهه تي هندو مندر جي جاري تعمير جي مذمت ڪئي. ڀا??ت ۾ وڌندڙ اسلامو فوبيا ۽ نفرت انگيز ڏوهن جو نوٽيس وٺڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي پاڪستان عالمي برادري، گڏيل قومن ۽ لاڳاپيل عالمي ادارن کي اپيل ڪئي ته اهي انتهاپسند ”هندوتوا“ حڪومت کان ڀا??ت ۾ اسلامي ورثي جي جاين جي تحفظ جي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪن. بيان ۾ چيو ويو آهي ته اڄ ڀا??ت جي شهر ايوڌيا ۾ هندو انتهاپسندن جي هٿان تاريخي بابري مسجد کي شهيد ڪرڻ جي 30 هين ورسيءَ آهي، هي موقعو ڀا??ت ۾ ان وقت کان وڌندڙ مسلم مخالف جنون جي هڪ افسوسناڪ ياد ڏياري ٿو. ترجمان چيو ته اسان بابري مس??د جي تباهي جي ذميوار جوابدارن جي آزادي جي مذمت ڪريون ٿا. ترجمان پنهنجي بيان ۾ چيو ته ڀا??ت ۾ هندو بالادست گروهه وارانسي جي گيانواپي مسجد سميت ڪجهه ٻين مسجدن کي مندرن ۾ تبديل ڪرڻ جو مطالبو ڪري رهيا آهن، انهن مطالبن سان بابري مس??د جهڙا وڌيڪ واقعا ٿي سگهن ٿا. ترجمان چيو ته ڀا??تي مسلمانن جي مذهبي آزادين تي مسلسل حملو ٿي رهيو آهي، ڀا??ت ۾ حڪمران پارٽي مسلسل مسلمانن جي خلاف جذبن کي ڀڙڪائي نفرت کي هوا ڏئي رهي آهي. هن چيو ته جيئن ته اسلامي تعاون تنظيم (او آءِ سي) پنهنجي مختلف اعلانن جي ذريعي مطالبو ڪيو آهي، اسان ڀا??تي حڪومت کان مطالبو ڪريون ٿا ته بابري مسجد کي ان جي اصل جڳهه تي ٻي??ر تعمير ڪيو وڃي ۽ ان جي تباهي جي ذميوار جوابدارن کي سزا ڏني وڃي. ترجمان پنهنجي بيان ۾ وڌيڪ چيو ته عالمي برادري کي ڀا??ت ۾ وڌندڙ اسلامو فوبيا، نفرت انگيز تقريرن ۽ نفرت انگيز ڏوهن جو نوٽيس وٺڻ جي ضرورت آهي. اسان عالمي برادري، گڏيل قومن ۽ لاڳاپيل عالمي ادارن کي اپيل ڪريون ٿا ته اهي انتهاپسند ”هندوتوا“ حڪومت کان ڀا??ت ۾ اسلامي ورثي جي جاين جي تحفظ جي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪن. هن چيو ته ڀا??تي حڪومت کي اقليتن خاص طور تي مسلمانن ۽ انهن جي عبادتگاهن جي تحفظ کي يقيني بڻائڻ گهرجي.
پاڪستان پاران ڀارتي حڪومت کان تاريخي بابري مسجد کي ان جي اصل جڳهه تي ٻيهر تعمير ڪرڻ ۽ ان جي تباهي جي ذميوار ڏوهارين کي سزا ڏيڻ جو مطالبو
مضمون کا ماخذ : quina acumulada