??نگ??ا – 05 – ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف ??نگ??ا بجلي گهر جي يونٽ 5 ۽ 6 جي ريفربشمنٽ من??وبي جو افتتاح ڪري ڇڏيو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ??نگ??ا بجيل گهر جي ريفربشمنٽ جي من??وبي تحت سمورن يونٽ ۾ 50 سال پراڻي مشينري لڳائي پئي وڃي. ريفربشمنٽ من??وبي جي مڪمل ٿيڻ کانپوءِ ??نگ??ا بجلي گهر جي صلاحيت 1000 ميگاواٽ مان وڌي 1310 ميگاواٽ ٿي ويندي جنهن جي نتيجي ۾ سالانو 5.6 ب??ين يونٽ صاف، ماحول دوست ۽ گهٽ لاڳت بجلي پيدا ڪئي ويندي. من??وبي جي پهرين مرحلي يعني 10 مان 6 يونٽس جي ريفربشمنٽ تي اٽڪل 90 سيڪڙو ڪم مڪمل آهي. ڪالهه سومر ڏينهن وزيراعظم يونٽ نمبر 5 ۽ 6 جي مڪمل ٿيڻ جو افتتاح ڪيو. مجموعي طور تي 483 م??ين ڊالر جي لاڳت سان جاري ان من??وبي ۾ يو ايس ايڊ پاران 150 م??ين ڊالر جي گرانٽ، 90 م??ين يورو جو اي اي?? ڊي لون ۽ واپڊا پاران 178 م??ين ڊالر فراهم ڪيا پيا وڃن. ان موقعي تي خاص معاون طارق فاطمي، آزاد ڪشمير جو وزيراعظم سردار تنوير الياس، چيئرمين واپڊا ليفٽيننٽ جنرل (ر) سجاد غني، آمريڪا جو پاڪستان ۾ سفير ڊونلڊ بلوم، يو ايس مشن ڊائريڪٽر ريڊ ايسچليمين (Reed Aeschiliman) پڻ موجود هو.
وزيراعظم پاران منگلا بجلي گهر جي يونٽ 5 ۽ 6 جي ريفربشمنٽ منصوبي جو افتتاح
مضمون کا ماخذ : نتیجہ بہت زیادہ