ڪراچي – 29 ڊسمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي مختلف فلاحي تنظيمن جي سماجي ڪمن تي اطمينان جو اظهار ڪندي ضرورتمندن جي ڀلائي لاءِ جي ڊي سي فائونڊ??شن جي ڪوششن کي ساراهيو. اها ڳالهه هن جي ڊي سي جي وفد سان گورنر هائوس ۾ ملاقات دوران ڳالهائيندي چئي. وفد جي سربراهي جي ڊي سي جو سربراهه ظفر عباس ڪري رهيو هو. ان موقعي تي جي ڊي سي جي سربراهه صدر کي غيرسرڪاري تنظيم پاران جاري سماجي ڀلائي جي سرگرمين بابت ??گاهه ڪيو. ظفر عباس صدر کي جي ڊي سي فائونڊ??شن جي ڪراچي ۾ 50 ڊائيلاسز سينٽرز کولڻ، راشن جي فراهمي، خوراڪ جي مرڪزن ۽ ٻين مصنوبن بابت ??ريفنگ ڏني. وفد سان ڳالهائيندي صدر حڪومت جي احساس پروگرام جي مختلف اسڪيمن بشمول آسان قرض، فني تربيتي پروگرام ۽ ماءُ جي لاءِ غذائي امداد مان فائدو کڻڻ جي لاءِ ??وجوانن جي رهنمائي ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. هن ان ڳالهه تي زور ڏنو ته بئنڪون صنعتڪارن کي آسان قرض فراهم ڪرڻ کانسواءِ غريبن کي پڻ گهٽ کان گهٽ وياج جي شرح تي آسان قرض فراهم ڪن. هن نجي شعبي تي زور ڏنو ته اهو بيروزگار تعليم يافته نوجوانن جي لاءِ ??وڪرين جا موقعا پيدا ڪرڻ جي لاءِ اڳتي اچي. بعد ۾ جي ڊي سي جي سربراهه صدر کي شيلڊ پڻ پيش ڪئي.
صدر ڊاڪٽر عارف علوي سان جي ڊي سي جي وفد جي ملاقات
مضمون کا ماخذ : ڈوپلا سینا