اسلام آباد – 19 ڊسمبر (اي پي پي) اسلامي ترقياتي بئنڪ جي چيئرمين ??اڪٽر محمد الجسر چيو آهي ته ڪو به ملڪ ۽ ادارو ا??غا??ستان جي مالياتي بحران ۽ انساني الميي کي روڪڻ جي لاءِ اڪيلي ڪجهه نه ٿو ڪري سگهي، ا??غا??ستان ۾ امن امان ۽ استحڪام جي لاءِ عالمي سطح تي ڪوششن جي ضرورت آهي، ا??غا??ستان کي انساني همدردي تحت امداد سان گڏوگڏ پائيدار ترقي ۽ مالي امداد جي فراهمي ضروري آهي. هو اسلامي تعاون تنظيم (او آءِ سي) جي پرڏيهي وزيرن واري ??ائ??نسل جي 17 هين غيرمعمولي اجلاس کي خطاب ڪري رهيو هو. هن چيو ته اڄ اسان ا??غا??ستان جي عوام سان يڪجهتي جي اظهار لاءِ گڏ ٿيا آهيون. اسلامي ترقياتي بئنڪ جي چيئرمين ??يو ته عالمي برادري کي ماضي مان سبق سکندي ا??غا??ستان جي مسئلن کي حل ڪرڻ جي لاءِ پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته عالمي ادارن ۽ علائقائي تنظيمن کي م??جوده صورتحال ۾ ا??غا??ستان جي مدد ڪرڻ گهرجي ته جيئن هو موجوده بحران مان نڪري سگهي، ا??غا??ستان جي گهڻي آبادي ڳوٺن ۾ رهي ٿي جنهن جي مدد جي ضرورت آهي. سندس چوڻ هو ته بئنڪ 1975ع کان اسلامي دنيا ۾ خدمتون سرانجام ڏئي رهي آهي ۽ گذريل 46 سالن دوران هن او آءِ سي جي م??مبر ملڪن جي ڀرپور مدد ڪئي آهي جنهن جو مقصد انهن کي اقتصادي ۽ سماجي طور تي مضبوط بڻائڻ آهي. هن چيو ته ا??غا??ستان جي لاءِ هيومنٽيرين ٽرسٽ فنڊ قائم ڪيو آهي، اسلامي ترقياتي بئنڪ ا??غا??ستان ۾ مالياتي رابطي جي لاءِ پڻ ڪردار ادا ڪندي، اسان سمورن ملڪن کان ان بابت تعاون جا گهرجائو آهيون. اسلامي ترقياتي بئنڪ جي چيئرمين او آءِ سي پرڏيهي وزيرن واري ??ائ??نسل ڪانفرنس منعقد ڪرڻ تي پاڪستان ۽ سعودي عرب جا ٿورا مڃيا. اسلام آباد ۾ ا??غا??ستان جي صورتحال تي غور جي لاءِ او آءِ سي پرڏيهي وزيرن واري ڪانفرنس ۾ وزيراعظم عمران خان، پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي، او آءِ سي جي سيڪريٽري جنرل، ميمبر ملڪن جي پرڏيهي وزيرن، نمائندن ۽ مبصرن کانسواءِ گڏيل قومن جي مختلف تنظيمن، عالمي مالياتي ادارن، پي فائيو، يورپي يونين ۽ ٻين ادارن جي نمائندن پڻ شرڪت ڪئي. ڪانفرنس پاڪستان جي انهن ڪوششن جو حصو آهي جنهن جو مقصد ا??غا??ستان جي م??جوده صورتحال طرف عالمي برادري جو ڌيان ڇڪرائڻ آهي ته جيئن ڊگهي جنگ ۽ گهرو ويڙهه کان متاثر ملڪ کي ڪنهن به وڏي انساني بحران کان روڪي سگهجي. اسلامي تعاون تنظيم پرڏيهي وزيرن واري ڪانفرنس جو بنيادي م??صد مسلمان امت پاران ا??غا??ستان جي عوام سان يڪجهتي جو اظهار آهي جڏهن ته انهن کي انساني بنيادن تي ا??غا??ستان کي امداد جي فراهمي لاءِ ٺوس قدم کڻڻا آهن. ان ڪانفرنس منعقد ڪرڻ سان دنيا کي اهو باور ڪرايو ويو آهي ته ا??غا??ستان جي م??جوده صورتحال رڳو هڪ انساني الميي کي جنم نه ٿي ڏئي سگهي پر ان جي نتيجي ۾ خطي ۽ عالمي امن ۽ سلامتي کي سنگين خطرا ٿي سگهن ٿا. گڏيل قومن جي انساني معاملن واري انڊر سيڪريٽري جنرل ۽ هنگامي امداد ڪوآرڊينيٽر مارٽن گريفٿس پرڏيهي وزيرن واري ڪانفرنس کي خطاب ڪندي چيو ته ا??غا??ستان جي م??جوده صورتحال جي ڪري م??ڪي معيشت کي سخت مشڪلاتون درپيش آهن، ا??غا??ستان ۾ 23 ملين ماڻهن کي بک جو خطرو آهي، ان صورتحال جي ڪري م??ڪ ۾ صحت ۽ تعليم جا شعبا به بري طرح متاثر ٿيا آهن، 70 سيڪڙو استادن کي پگهارون نه ملي رهيون آهن جڏهن ته لکين ٻار تعليم کان محروم ٿي رهيا آهن. هن چيو ته موجوده صورتحال جي ڪري سيڙپڪاري رڪجي وئي آهي، انساني همدردي جي ادارن کي اڳتي وڌي ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي، ا??غا??ستان ۾ عالمي ترقياتي امداد بند ٿي وئي آهي ۽ ان جي نتيجي ۾ ملڪ ۾ غربت ۽ بيروزگاري پڻ وڌي وئي آهي. هن چيو ته او آءِ سي ا??غا??ستان ۾ انساني الميي کي روڪڻ جي لاءِ اڳتي وڌڻ جو ڪردار ادا ڪيو آهي ۽ اڄ جي هي ڪانفرنس ا??غا?? عوام سان يڪجهتي جو اظهار آهي. هن چيو ته گڏيل قومون ايندڙ سال ا??غا??ستان جي حوالي سان 4.5 ارب ڊالر امداد جي وڏي اپيل ڪندي، ا??غا??ستان ۾ صحت، تعليم، بجلي ۽ ٻين شعبن کي بهتر بڻائڻ جي لاءِ امداد جي ضرورت آهي، جيڪڏهن اسان يڪجهتي ۽ فوري قدم نه کنيا ته ان جا سنگين نتيجا نڪرندا، موجوده صورتحال جي ڪري ا??غا??ستان ۾ ڪڻڪ ۽ ٻارڻ جي قيمت وڌي وئي آهي.
ڪو به ملڪ ۽ ادارو افغانستان جي مالياتي بحران ۽ انساني الميي کي روڪڻ جي لاءِ اڪيلي ڪجهه نه ٿو ڪري سگهي: اسلامي ترقياتي بئنڪ جو چيئرمين
مضمون کا ماخذ : لاٹری کی پیشن گوئی