اسلام آباد – 17 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ ??ٽا??ٽا جي ناڻي ۽ پرڏيهي ناڻي جي ذخيرن ۾ اضافي جي حوال?? سان اجلاس اسلام آباد ۾ ٿيو. اجلاس ۾ صلاحڪارن ڊاڪٽر عبدالحفيظ شيخ، شهزاد اڪبر، ڊاڪٽر عشرت حسين، اسٽيٽ بئنڪ جو گورنر ڊاڪٽر رض?? باقر، ناڻي واري سيڪريٽري، ايف بي آر جي چيئرمين ۽ ٻين آفيسرن شرڪت ڪئي. وزيراعظم جي ميڊيا آفيس موجب اجلاس ۾ ??ٽا??ٽا جي ناڻي ۽ پرڏيهي ناڻي جي ذخيرن جي صورتحال ۽ ان ۾ وڌيڪ اضافي جي لاءِ تجويز ڪيل تجويزن ۽ قدمن تي غور ڪيو ويو. وزيراعظم جولاءِ 2020ع ۾ ٻاهرين ملڪ پاڪستانين طرفان موڪليل ??ٽا??ٽا جي ناڻي ۾ واضح اضافي تي اطمينان جو اظهار ڪندي چيو ته ٻاهرين ملڪ رهندڙ پاڪستاني ملڪ ۽ قوم جو سڀ کان وڏو قيمتي اثاثو آهن، هن چيو ته ??ٽا??ٽا جي ناڻي جي حوال?? سان ٻاهرين ملڪ رهندڙ پاڪستانين کي هر ممڪن سهولتون فراهم ڪرڻ حڪومت جي اولين ترجيح آهي.
وزيراعظم جي صدارت ۾ مٽاسٽا ۽ پرڏيهي ناڻي جي ذخيرن ۾ اضافي جي حوالي سان اجلاس
مضمون کا ماخذ : میگا سینا پریمیو