گڏيل قومون – 22 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم شاهد خاقان عباسي چيو آهي ته اسان هاڻي ڪنهن جي لاءِ وڌيڪ قرباني جو ٻڪرو بڻجڻ لاءِ تيار نه آهيون، طالبان جا محفوظ ٺڪاڻا پاڪستان ۾ نه پر افغانستان ۾ آهن ۽ پاڪستان ۾ دهشتگردي جون ڪارروايون سرحد جي ٻئي پاسي کان ڪيون وڃن ٿيون، ڀارت پاڪستان جي ??لاف محدود جنگ جي ڊاڪٽرائين تي عمل ڪيو ته کيس ڀرپور ۽ ان جهڙو جواب ڏنو ويندو، ڪشمير جي ??والي سان گڏيل قومن جي ??لامتي ڪائونسل جي قراردادن تي عملدرآمد لاءِ قدم کنيا وڃن ۽ ڪشمير مسئلي جي منصفاڻي ۽ پرامن حل لاءِ گڏيل قومن جو خصوصي نمائندو مقرر ڪيو وڃي. گڏيل قومن جي ??نرل اسيمبلي جي 72 هين اجلاس کي خطاب ڪندي وزيراعظم شاهد خاقان عباسي ڀارت جي قبضي هيٺ ڪشمير ۾ پنهنجي ??ودمختياري وارو حق حاصل ڪرڻ لاءِ جدوجهد ڪندڙ معصوم عوام تي ظلمن تي شديد ڳڻتي جو اظهار ڪندي چيو ته ڀارت ڪشميرين کي دٻائڻ لاءِ طاقت جو انڌاڌند ۽ هروڀرو استعمال ڪري رهيو آهي، عورتن، ٻارن ۽ نوجوانن کي هروڀرو نشانو بڻايو پيو وڃي، هزارن جي ??عداد ۾ معصوم ڪشميري ماريا ۽ زخمي ڪيا ويا آهن
ڪشمير مسئلي جي حل لاءِ گڏيل قومن جو خصوصي نمائندو مقرر ڪيو وڃي: وزيراعظم
مضمون کا ماخذ : پاور بال آن لائن خریداری