ڍاڪا -08 آگسٽ (اي پي پي ) ??نگ??اديش جي نوبل انعام يافته معاشي ماهر ۽ بينڪر ڊاڪٽر محمد يونس عبوري ??ڪو??ت جي سربراهه طور حلف کڻڻ لاءِ پيرس کان وطن واپس روانو ٿي ويو. انڊيا ٽو ڊي جي رپورٽ موجب 84 سالن جو محمد يونس علاج لاءِ فرانس جي گادي واري شهر پيرس ۾ موجود هيو. ??نگ??اديش جي فوج طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته ڊاڪٽر محمد يونس جي سربراهيءَ ۾ عبوري ??ڪو??ت حلف کڻندي. وطن واپسي جي روانگي کان اڳ پيرس جي چارلز ڊي گال هوائي اڏي تي صحافين سان ڳالهائيندي ڊاڪٽر محمد يونس چيو ته ??نگ??اديش جي صورتحال کان آگاهه آهيان ۽ وطن واپس روانو ٿي رهيو آهيان. هن چيو ته ملڪ کي موجوده صورتحال مان ڪڍڻ لاءِ حڪمت عملي جوڙڻ تي غور ڪري رهيا آهيون. رپورٽ موجب ??نگ??اديش ۾ عوامي احتجاج جي نتيجي ۾ اقتدار ڇڏي ڀارت ويل اڳوڻي وزيراعظم حسينه واجد ۽ ڀارتي ??ڪو??ت ۾ موجود سندس خير خواهه ڪنهن يورپي ملڪ ۾ سياسي پناهه جي حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن.
بنگلاديش جي صورتحال کان آگاهه آهيان: ڊاڪٽر محمد يونس
مضمون کا ماخذ : مصر کی میراث