گڏيل قومون-05 ڊسمبر (اي پي پي) گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي هٿيارن جي روڪٿام ۽ علائقا??ي ۽ عالمي سطح تي امن ۽ سلامتي کي هٿي وٺرائڻ لاءِ پاڪستان جي پيش ڪيل 4 قرار??اد?? جي منظوري ڏئي ڇڏي. اها قرار??اد??ن ڄاڻايل مٿين مقصدن کي حاصل ڪرڻ لاءِ پاڪستان جي واضح عزم جي عڪاسي ڪن ٿيون. انهن قرار??اد?? جي مسودن جي 193 رڪني جنرل اسيمبلي جي هٿيارن جي روڪٿام ۽ عالمي سلامتي بابت فرسٽ ڪميٽي طرفان وڏي اڪثريت سان منظوري ڏني وئي. ان مان 3 قرار??اد??ن علائقائي، هٿيارن جي روڪٿام ۽ علائقا??ي ۽ هيٺين علائقن جي سطحن تي روايتي هٿيارن جي ڪنٽرول سان گڏوگڏ علائقا??ي ۽ ذيلي علائقن کي نظر ۾ رکندي اعتماد سازيءَ جي قدمن بابت آهن. چوٿين قرارداد ۾ ايٽمي هٿيار نه رکندڙ رياستن لاءِ عالمي سلامتي جي خاطريءَ جو مطالبو ڪيو ويو آهي. علائقا??ي ۽ ذيلي علائقن کي نظر ۾ رکندي علائقائي هٿيارن جي روڪٿام ۽ اعتماد سازيءَ جي قدمن جي عنوان هيٺ قرار??اد?? جي جنرل اسيمبليءَ جي بنا ووٽنگ متفقه منظوري ڏني جڏ??ن ته علائقا??ي ۽ ذيلي علائقائي سطحن تي روايتي هٿيارن جي ڪنٽرول بابت قرارداد جي حمايت ۾ 186 ميمبر ملڪن ووٽ ڏ??و جڏ??ن ته هڪ صرف هڪ ملڪ ڀارت قرار??اد?? جي مخالفت ڪئي. ايٽمي هٿيارن جي استعمال يا استعمال جي خطري خلاف ايٽمي هٿيار نه رکندڙ رياستن جي تحفظ کي يقيني بنائڻ لاءِ اثرائتي عالمي انتظامن جي عنوان جي عنوان سان قرارداد کي به وڏي اڪثريت سان منظور ڪيو ويو. ان قرارداد جي حق ۾ 123 ميمبر ملڪن ووٽ ڏ??و جڏ??ن ته 62 ملڪن ووٽنگ ۾ حصو نه ورتو. ان موقعي تي مختلف ملڪن جي سفارتڪارن چيو ته چارئي قرار??اد??ن عالمي امن، سلامتي ۽ استحڪام کي هٿي وٺرائڻ لاءِ هٿيارن جي ڪنٽرول، خاتمي ۽ اعتماد سازيءَ لاءِ علائقا??ي ۽ عالمي نقطه نظر جي اهميت کي تسليم ڪن ٿيون.
گڏيل قومون، جنرل اسيمبلي هٿيارن جي روڪٿام ۽ علائقائي ۽ عالمي سطح تي امن ۽ سلامتي کي هٿي وٺرائڻ لاءِ پاڪستان جي پيش ڪيل 4 قراردادن جي منظوري ڏئي ڇڏي
مضمون کا ماخذ : raspadinha آن لائن