پيرس -28 آگسٽ (اي پي پي) فرانس جي تعليم وا??ي وزير سرڪاري اسڪولن ۾ مسلمان شاگردياڻين کي برقعو (عبايه) پائڻ تي پابندي لڳائڻ جو اعلان ڪيو آهي، ڇاڪاڻ ته اهو لباس تعليم جي حوالي سان فرانس جي سخت سيڪولر قانونن جي ڀڃڪڙي آهي. برطانوي نشرياتي اداري مطابق تعليم وا??ي وزير گيبريئل اٽل چيو آهي، ته هاڻي اسڪولن ۾ عبايه پائڻ ممڪن نه هوندو ۽ اهو 4 سيپٽمبر کان سڄي ملڪ ۾ ڪلاسن جي واپسي کان اڳ اسڪولن جي سربراهن کي قومي سطح تي وا??ح قائدا ??نا ويندا. وا??ح رهي ته فرانس 19 صدي جي قانون بعد کان سرڪاري اسڪولن ۾ مذهبي علامت سخت پابندي لڳائي رکي آهي ۽ سرڪاري ادارن م تعليم مان روائتي ڪيٿولڪ اثر رسوخ جي خاتمي ۽ وڌندڙ مسلم اقليت کي منهن ڏيڻ لاءِ اهڙن رهنما اصولن کي اختيار ڪيو آهي. فرانس 2004ع ۾ اسڪولن ۾ ??سڪارف پائڻ تي پابندي لڳائي هئي ۽ 2010ع ۾ عوامي هنڌن تي مڪمل چهري جي نقاب تي پابندي لڳائي هئي جنهن سان اتان جي 50 لک مسلم برادري پاران ناراضگي جو اظهار ڪيو ويو هو.
فرانس جي سرڪاري اسڪولن ۾ مسلمان شاگردياڻين کي برقعو (عبايه) پائڻ تي پابندي لڳائڻ جو اعلان
مضمون کا ماخذ : بہت کچھ