اسلام آباد – 20 مارچ (اي پي پي) وزيراعظم محمد نوازشريف پاڪستان – افغانستان سرحد کي فوري طور تي کولڻ جا حڪم جاري ڪري ڇڏيا آهن. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ طرفان جاري ڪيل بيان ??وجب وزيراعظم چيو ته ب??وج??د ان ڳالهه جي ته ويجهڙ وارن ڏينهن ۾ پاڪستان ۾ ٿيندڙ دهشتگردي جي واقعن جا پيرا افغانستان جي سر زمين تي موجود پاڪستان دشمن عنصرن سان ??لن ٿا ۽ اسان سمجهون ٿا ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ صدين کان ??راڻن مذهبي، ثقافتي ۽ تاريخي رابطن ۽ لاڳاپن کي نظر ۾ رکندي سرحد کي وڌيڪ ??ير تائين بند رهڻ عوامي ۽ معاشي مفادن جي خلاف آهي، ان ??اءِ اسان ??يصلو ڪيو آهي ته خير سگالي جي جذ??ي تحت هي سرحدون فوري طور تي کوليون وڃن.
مضمون کا ماخذ : لاٹری ٹکٹ لائیو