بيجنگ-10 مارچ (اي پي پي) چين جي پا??ليامينٽ شي جن پن?? کي چين جو ٽيون ڀيرو صدر چونڊي ڇڏيو آهي. سعودي عرب جي ميڊيا رپورٽن مطابق شي جن پنگ جمعي ڏينهن ٽيون ڀيرو چين جو صدر چونڊجي ويو آهي. پا??ليامينٽ ۾ نيشنل پيپلز ڪانگريس جي 03 هزار جي لڳ ڀڳ ميمبرن دي گريٽ هال ۾ سي جن پن?? کي صدر چونڊڻ لاءِ گڏيل طور تي ووٽ ڏنو، سندس خلاف ڪو به مخالف اميدوار ڪون بيٺل هو. ووٽنگ اٽڪل هڪ ڪلاڪ تائين جاري رهي ۽ اليڪٽرانڪ ڳڻپ اٽڪل 15 منٽن ۾ مڪمل ٿي. شي جن پنگ ملڪ جي مرڪزي فوجي ڪميشن جي چيئرمين طور به ٽئين مدي لاءِ چونڊجي ويو آهي. پا??ليامينٽ جي ميمبرن زاليجي کي چيئرمين ۽ هان زن?? کي ملڪ جو نئون نائب صدر چونڊيو آهي. واضح رهي ته ڄاڻايل ٻئي شخص شي جن پنگ جي اڳوڻي ٽ??م جا آهن.
مضمون کا ماخذ : ہرکیولس اور پیگاسس