تهران- 10 ڊسمبر (اي پي پي) ايران گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل کان مطالبو ڪيو آهي ته هو شام تي اسرائيلي فوج جي قبض?? کي روڪڻ لاءِ فوري قدم کڻي. اها ڳالهه ايراني پرڏيهي وزارت جي ت??جم??ن اسماعيل باغي هڪ بيان ۾ چئي. هن شام جي زمين تي اسرائيلي حڪومت جي فوجي حملي جي مذمت ڪندي چيو ته اهي حملا هڪ اهڙي وقت ۾ ڪيا ويا جڏهن شام جو عوام صدر بشارالاسد جي اقتدار جي خاتمي سبب ٿيل تبديلين کي منهن ڏئي رهيو آهي. هن ان جارحيت ک?? گڏيل قومن جي چارٽر جي سنگين خلاف ورزي قرار ڏيندي گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل کان مطالبو ڪيو ته هو جارحيت ک?? روڪڻ ۽ قابض حڪومت ک?? ان جو ذميوار قرار ڏيندي فوري طورتي قدم کڻي.
مضمون کا ماخذ : اسکریچ کارڈ کے نتائج