واشنگٽن-25 جنوري (اي پي پي) آمريڪا ۾ پاڪستان جي سفير مسعود خان چيو آهي ته پاڪستان آمريڪي سيڙپڪارن لاءِ سڀني کان وڌيڪ پُرڪشش ۽ منافعي بخش هنڌ آهي ان لاءِ آمريڪي سيڙپڪار پاڪستان ۾ بهتر ڪاروباري ماحول مان فائدو کڻن. پاڪستاني سفارتخاني طرفان جاري پريس رليز موجب هن پاڪستاني چيمبر آف ڪامرس يو ايس اي جي صدر عامر پپراڻي ۽ سندس ٽيم سان هڪ ورچوئل ملاقات دوران چيو ته خصوصي سيڙپڪاري سهولت ڪائونسل (ايس آءِ ايف سي) پاڪستان ۽ خطي جي وڏي مارڪيٽ مان فائدو کڻڻ لاءِ سيڙپڪارن کي هر ممڪن سهولت ۽ ون ونڊو حل فراهم ڪندي. ان موقعي تي هيوسٽ?? ۾ ??اڪستان جو قونصل جنرل آفتاب احمد چوڌري به موجود هو. پاڪستاني سفير چيو ته آءِ ٽي، توانائي، زراعت ۽ معدنيات اسان جا ترجيحي شعبا آهن، پر اسان پنهنجي معيشت جي سمورن شعبن ۾ سيڙپڪاري جي سهولت فراهم ڪنداسين. هن چيو ته ايس آءِ ايف سي جو قيام ان ڳالهه کي يقيني بڻائڻ لاءِ ڪيو ويو آهي ته پرڏيهي سيڙپڪار، خاص طور تي پاڪ آمريڪا واپاري برادري، جيڪا پنهنجي ملڪ ۾ سيڙپڪاري ڪرڻ چاهي ٿي، کي سندن ڪاروباري مقصد?? ۾ ??ناسب طريقي سان سهولت فراهم ڪئي وڃي. عامر پپراڻي پاڪستاني سفير مسعود خان کي پي سي سي- يو ايس اي جي سرگرمين، خاص طور تي پاڪستاني ??زن?? ايڪسپو جي باري ۾ ٻڌايو ت?? آڪٽوبر ۾ ٽيڪساس جي شهر هيوسٽ?? ۾ ??نعقد ٿيندي، جنه?? ۾ ??ختلف شعب?? ۾ ??اڪستاني مصنوعات جي نمائش ??ئي ويندي، جن ۾ راندين ۽ سرجيڪل، آءِ ٽي، خوبصورتي ۽ صحت، خوراڪ ۽ مشروب??ت، تيل ۽ گئس، گهريلو استعمال جون شيون ۽ ٽيڪسٽائيل ۽ پاڪستاني زيور شامل آهن، پاڪستاني سفير نمائش منعقد ڪرڻ ۾ سفارتخاني ۽ پاڪستاني قونصليٽ طرفان هر ممڪن سهولت فراهم ڪرڻ جي خاطري ڪرائي.
پاڪستان آمريڪي سيڙپڪارن لاءِ پُرڪشش ۽ منافعي بخش هنڌ آهي: پاڪستاني سفير مسعود خان
مضمون کا ماخذ : como ganhar na quina