واشنگٽن -25 نومبر (اي پي پي) آمريڪي نئين چونڊيل صدر ڊونلد ٽرمپ پنهنجي ڪابينه لاءِ 02 عرب ڄاوا آمريڪي نامزد ڪيا آهن. جيڪي جنوري ۾ سندس حلف کڻڻ کانپوءِ ذميواريون سنڀاليندا. پرڏيهي ميڊيا موجب ڊاڪٽر جينيٽ نيشيوات آمريڪا جو سرجن جن??ل ٿيندو ۽ ڊاڪٽر مارٽي ميڪيري فوڊ اينڊ ڊرگ انتظاميا جي اڳواڻ طور خدمتون سر انجام ڏيندا. انهن مقررين جي عرب آمريڪن فار ٽرمپ گروپ جي چيئرمين ڊاڪٽر بشرا باهباه واکاڻ ڪئي آهي. جنه?? اڳوڻي صدر کي آمريڪا ۾ ترسيل اٽڪل اڌ عربن جي ووٽ ڏيارڻ ۾ مدد ڪئي جنهن سبب هو نائب صدر ڪ??لا هيرس کي شڪست ڏيڻ ۾ ڪامياب ٿيو. هن چيو ته اسان ڊونلڊٽرمپ پاران ڪيل نامزدگين تي خوش آهيون جنهن ۾ پهريون ڀيرو ٻه عرب ڄاوا آمريڪي به انتظاميا جو حصو بڻجي رهيا آهن. هن چيو ته اها ڊونلڊ ٽرمپ پاران عرب ڄاون آمريڪين جي ڪردار کي تسليم ڪرڻ جو ثبوت آهي.
مضمون کا ماخذ : پاکستان لاٹری نمبر