باڪو-12 نومبر (اي پي پي) گڏيل عرب امارتن جي صدر شيخ محمد بن زايد النهيان گذريل ڏينهن ڪوپ-29 ورلڊ ليڊرز ڪلائمينٽ ايڪشن ڪانفرنس جي افتتاحي اجلاس ۾ شرڪت ڪئي ۽ مستقبل لاءِ مضبوط موسم??ات?? معيشت جي تعمير ۾ مدد لاءِ گڏيل عرب امارتن جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. گڏيل عرب امارتن جي خابرو اداري موجب ڪوپ-29 موسم??ات?? عالمي سربراهي ڪانفرنس ۾ پنهنجي شرڪت جي موقعي تي شيخ محمد بن زايد ماحول??ات?? تحفظ ۽ـ پائيدار ??رقيءَ جي اصولن لاءِ گڏيل عربن امارتن جي گهري پاڙن واري ميراث ۽ عزم کي اجاگر ڪيو. هن ان ڳا??هه تي روشني وڌي ته ان لڳن سبب گڏيل عرب امارتن گذريل سال ڪ??پ-28 جي ميزباني ڪئي جنهن دوران ملڪ پيرس معاهدي جي هدفن کي حاصل ۾ اڳڀرائيءَ جو جائزو وٺڻ لاءِ پهرين گلوبل اسٽاڪ ٽيڪ جو اثرائتو جواب فراهم ڪرڻ لاءِ عالمي سهڪار ??ي حمايت ڪئي. هن چيو ته موسم??ات?? ايڪشن تي جاري تعميري عالمي سهڪار پائيدار ??قتصادي ۽ سماجي ترقي جي هڪ نئين دؤر جي راهه هموار ڪري سگهي ٿو، جنهن سان سمورين قومن کي فائدو ٿئي. هن موسم??ات?? ايڪشن کي بار ??جاءِ ترقيءَ جي هڪ منفرد موقعي تي طور پيش ڪيو ۽ اهو نوٽ ڪيو ته ڪوپ-28 ۾ پيش ڪيل تاريخي گڏيل عرب امارتن جو اتفاق راءِ توانائي جي شعبي ۾ هڪ منظم، ذميدار، منصفاڻو ۽ عقلي منتقلي کي حاصل ڪرڻ لاءِ هڪ گڏيل عالمي عزم جي تصديق ڪري ٿو. ان معاهدي پيرس معاهدي جي عزمن کي پورو ڪرڻ لاءِ هڪ روڊ ميپ به فراهم ڪيو ۽ گذريل مال??ات?? وعدن لاءِ وابستگي ۽ سڀ کان وڌيڪ ڪمزور قومن ۽ ڪميونٽيز لاءِ موسم??ات?? فنڊنگ کي متحرڪ ڪرڻ جي ڪوششن ذريعي گهڻ رُخي نظام ۾ اعتماد بحال ڪرڻ ۾ ڪامياب رهيو. هن سمورين ڌُرين کان مطالبو ڪيو ته هو تقسيم تي گڏيل تفهيم کي ترجيح ڏين ۽ ان ڳا??هه تي زور ڀريو ته هاڻي اجتماعي مشن انسانيت جي بهتريءَ لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ آهي. ڪوپ-29 آمد تي شيخ زايد جو استقبال آذربائيجان جي صدر الهام علي يوف ۽ گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوٽيرش ڪيو. هن ڪيترن ئي وفدن جي سربراهن سان دوستاڻي ڳا??هه ٻولهه ۾ به حصو ورتو. صدر سان گڏ گڏيل عرب امارتن جي وفد ??المي اڳواڻن جي موسم??ات?? ايڪشن سربراهي اجلاس جي افتتاحي اجلاس ۾ شرڪت ڪئي. آذربائيجان جي صدارت ۾ ڪوپ-29 موسم??ات?? ڪانفرنس جي ميزباني باڪو ۾ 11 کان 22 نومبر تائين ”هڪ سبز دنيا لاءِ گڏ“ جي عنوان تحت جاري آهي.
گڏيل عرب امارتن جي صدر شيخ محمد بن زايد النهيان جي ڪوپ-29 ڪانفرنس جي افتتاحي اجلاس ۾ شرڪت
مضمون کا ماخذ : ٹمپل ٹمبل