بيونس آئرس-17 آڪٽوبر (اي پي پي) برطانوي گلوڪار ۽ ناليوارو بينڊ ون ڊائريڪشن جو اڳوڻو ميمبر 31 سالن جو ليام پيني ارجنٽائن جي گادي واري شهر بيونس آئرس ۾ هوٽل جي ٽئين منزل تان ڪري فوت ٿي ويو. پرڏيهي خابرو اداري موجب ليام پيني جو لاش ان وقت مليو جڏ??ن ايمرجنسي سروس کي هوٽل ويجهو هيلپ لائين تان ڪال آئي. بيونس آئرس پوليس موجب ايمرجنسي ڪال ک??نپ??ءِ جڏهن پوليس واقعي واري هنڌ پهتي ته گلوڪار جو لاش پيل هو، پوليس معاملي جي وڌيڪ جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي. ايمرجنسي ميڊيڪل سر??س موجب ليام پيني کي تمام گهڻا ڌڪ لڳل آهن، سندس پوسٽ مارٽم ڪيو ويندو. برطانيه جي پرڏيهي کاتي تصديق ڪئي آهي ته ارجنٽائن سان برطانوي گلوڪار جي فوتگي جي حوالي سان رابطي ۾ آهيون.
مضمون کا ماخذ : نتیجہ بہت زیادہ