گڏيل قومون-03 آڪٽوبر (اي پي پي) گڏيل قومن جي جنرل سيڪريٽري انتونيوگوتريش چيو آھي ته اسرائيل، آم??يڪ?? ۽ فرانس جي جنگبندي جي تج??يز کي رد ??ند?? نه رڳو پنھنجن حملن ۾ شدت پيدا آڻي لبنان جي گادي واري شھر بيروت سميت سڄي ملڪ ۾ فضائي حملا ڪيا آھن پر ڏکڻ لبنان ۾ زميني فوجي ڪارروائي پڻ شروع ڪري ڇڏي آھي. لبنان ۾ اسرائيل جي حملن سبب پيدا ٿيل صورتحال تي غور لاءِ سڏايل سلامتي ڪائونسل جي ھنگامي اجلاس کي خطاب ??ند?? جنرل سيڪريٽري چيو ته تڪرار جي شدت ۾ اضافو علائقي جي ماڻھن کي تيزي سان بدحالي ۽ زوال ڏانھن ڌڪي رھيو آھي. ھن چيو ته ھاڻ ان غيرانساني صورتحال کي ختم ڪرڻ جو وقت اچي ويو آھي. ھن چيو ته ھ?? ڇڪتاڻ وڌيڪ ڇڪتاڻ جو سبب بڻجي ٿي. ھن عالمي برادري کي خبردار ڪيو ته وچ اوڀر ۾ ڇڪتاڻ جي خاتمي لاءِ انھن وٽ تم??م گھٽ وقت بچيو آھي. ھن چيو ته اسرائيل ۽ لبنان جي سرحد تي ڪيترين سالن کان تڪرار جاري آھي، پر گذريل سال آڪٽوبر ۾ سياسي تڪرار جي شدت ۾ اضافو ٿيو آھي. ھن ان ڳالھه تي زور ڀريو ته ڇڪتاڻ ڊامائي انداز ۾ وڌي وئي آھي.
وچ اوڀر ۾ ڇڪتاڻ جي خاتمي لاءِ عالمي برادري وٽ گھٽ وقت آھي: گڏيل قومن جو جنرل سيڪريٽري
مضمون کا ماخذ : loteria do Paraná